ڪراچي- 13 مئي (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري پاران آپريشن بنيان المرصوص جي ڪاميابي تي گذريل ڏينهن شام جو گورنر هائوس ۾ يوم تشڪر ملهايو ويو. تقريب ۾ هوائي فوج، سامونڊي ۽ زميني فوج جي بينڊز سلامي پيش ڪئي. سنڌ جي گورنر سان گڏجي قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن ڪيڪ به ڪاٽيو. تقريب ۾ ملي نغما پيش ڪيا ويا ۽ آتشبازي جو شاندار مظاهرو پڻ ڪيو ويو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي گورنر ڪامران خان ٽيسوري چيو ته پاڪستان جي فوج اسان جي سرحدن جي محافظ آهي، فوج مضبوط هوندي ته سرحدون به محفوظ رهنديون. پاڪستان رات جي اونداهيءَ ۾ للڪاريندڙن کي ڏينهن جي روشني ۾ منهن ٽوڙ جواب ڏنو. گورنر ڪامران خان ٽيسوري چيو ته يوم تشڪر ۾ هندو، سک، عيسائي برادري سوڌو سڀني برادرين جي شرڪت واکاڻ جوڳي ڳالهه آهي. هن چيو ته پاڪ فوج ثابت ڪيو ته اسان جو دفاع فتح نه ٿيڻ جوڳو آهي. تقريب ۾ مولانا بشير فاروق ملڪ ۽ ۽ قوم جي ترقي، خوشحالي، سلامتي، استحڪام لاءِ خاص دعا به ڪرائي.