اسلام آباد- 13 مئي (اي پي پي) پاڪ بحريه جي جهاز پي اين ايس حنين ريجنل ميري ٽائيم سيڪيورٽي پيٽروليم تي مقرر دوران مسقط، عمان جو دؤرو ڪيو. بندرگاهه پهچڻ تي عماني عملدارن طرفان جهاز جو پرجوش استقبال ڪيو ويو. پي اين ايس حنين ۽ رائل نيوي آف عمان جي جهاز خصب نار عمان ۾ ٻه طرفي سامونڊي مشق ڪئي، جنهن سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ پائيدار سامونڊي ڀائيواريءَ کي هٿي ملي. مشق جو مقصد ٻنهي ملڪن وچ ۾ پائيدار سامونڊي سهڪار کي هٿي ڏيڻ هو. پاڪ بحريه جر ترجمان موجب ان کان اڳ بندرگاهه تي قيام دوران پي اين ايس حنين جي ڪمانڊنگ آفيسر رائل نيوي آف عمان جي اعليٰ عملدارن سان ملاقاتون ڪيون. ملاقاتن دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ سامونڊي فوج وچ ۾ رابطن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڪمانڊنگ آفيسر چيف آف دي نيول اسٽاف ايڊمرل نويد اشرف طرفان عمان جي عوام لاءِ نيڪ خواهشن جو به اظهار ڪيو ويو. اعليٰ سطحي ملاقاتن کان علاوه رائل نيوي آف عمان جي آفيسرن سان پيشيوراڻي ڳالهين دوران مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پاڪ بحريه پاران جهاز ريجنل ميري ٽائيم سيڪيورٽي پيٽرول (آر ايم ايس پي) تي باقاعدگي سان مقرر ڪيا ويا آهن، جنهن جو مقصد ميري ٽائيم سيڪيورٽيءَ لاءِ عالمي ذميداريون پوريون ڪرڻ، سمنڊ تي واپار جي آزاد چُرپر ۽ حرڪت کي يقيني بنائڻ ۽ عالمي گڏيل اثاثن جو تحفظ ڪرڻ آهي. پاڪستان ۽ عمان وچ ۾ ڀائراڻا ناتا آهن. ٻنهي ملڪن جي سامونڊي فوج پنهنجي آپريشنل تيارين کي وڌائڻ ۽ محفوظ سمنڊن کي يقيني بنائڻ لاءِ مسلسل گڏيل سهڪار ۾ رهي ٿي.