اسلام آباد – 13 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته مون کي پنهنجي پياري ڀاءُ صدر رجب طيب اردوان پاران پاڪستان جي حمايت ۽ اڻٿڪ يڪجهتي جي ڀرپور اظهار تي دلي خوشي ٿي. سوشل ميڊيا ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ هن چيو ته پاڪستان کي ترڪيه سان پنهنجي پراڻي، سدابهار ۽ مستقل ڀائراڻي لاڳاپن تي فخر آهي جيڪي هر نئين چئلينج سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿيا آهن. هن چيو ته ڏکڻ ايشيا ۾ امن جي فروغ جي لاءِ سندس تعميري ڪردار ۽ گڏيل ڪوششن جي لاءِ خاص طور تي شڪرگذار آهيان. دعا آهي ته پاڪستان ۽ ترڪيه جا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿين ڇو ته اسان پنهنجي ٻنهي ملڪن ۽ انهن جي عوام جي روشن ۽ خوشحال مستقبل جي تعمير جي لاءِ گڏجي ڪم ڪريون ٿا.