اسلام آباد- 13 مئي (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق ”حق جي ويڙهه“ جي شهيدن کي زبردست لفظن ۾ خراجِ عقيدت پيش ڪندي هٿياربند فوج جي جوانن سميت عام شهرين جي جاني نقصان تي گهري ڏُک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. گذريل ڏينهن هن پنهنجي پيغام ۾ اسڪواڊرن ليڊر عثمان يوسف، چيف ٽيڪنيشن اورنگزيب، سينيئر ٽيڪنيشن نجيب، فاروق، مبشر ۽ ٻين شهيدن کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو ۽ چيو ته نائيڪ عبدالرحمان، لانس نائيڪ دلاور، اڪرام الله، وقار خالد جي جرئت ۽ بهادريءَ کي سلام پيش ڪيو. هن چيو ته سپاهي محمد عديل، سپاهي نثار جي قرباني کي پوري قوم سلام پيش ڪري ٿي. هن چيو ته هٿياربند فوج جي بهادر پُٽن حق جي ويڙهه ۾ جرئت ۽ بهادريءَ جي بي مثال داستان رقم ڪئي آهي، هٿياربند فوج دشمن کي اثرائتو جواب ڏئي پاڪستان جو دفاع مضبوط بنايو، شهيدن جون قربانيون تاريخ جو روشن باب بنڻجي چڪي آهي. هن شهيدن جي وارثن سان همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته پوري قوم شهيدن جي وارثن جي غم ۾ برابر جي شريڪ آهي. اسپيڪر حق جي ويڙهه ۾ زخمي ٿيلن لاءِ جلد صحتيابي ۽ شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ پونئيرن لاءِ صبر جي دُعا ڪئي.