ماسڪو- 13 مئي (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني روسي فيڊريشن جي فيڊريشن ڪائونسل جي چيئرپرسن ويلنٽينا ماٽوينيڪو سان ملاقات ڪئي ۽ ٻه طرفه گڏيل ناتن کي هٿي ڏيڻ، پارلياماني سفارتڪاري کي وسعت ڏيڻ، امن، واپار ۽ علائقائي استحڪام، معيشت ۽ سيڙپڪاريءَ کي هٿي ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. سينيٽ چيئرمين پنهنجي شاندار مهمان نوازي تي روسي قيادت جو شڪريو ادا ڪندي ٻنهي ملڪن جي ناتن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جو ورجاءُ ڪيو. سينيٽ چيئرمين چيو اڄ پاڪستان ۽ روس جا ناتا ۽ گڏيل سهڪار هاڪاري رُخ طرف گامزن آهن جيڪي نه صرف اسان جي خوشحالي پر هڪ محفوظ ۽ مستحڪم خطي لاءِ تمام ضروري آهن. هن زور ڀريو ته اهڙي اعليٰ سطحي مٽاسٽا سفارتڪاري کي تقويت ڏيڻ ۾ معاون ثابت ٿئي ٿي ۽ گڏيل سمجهوتن ۽ سهڪار جي بنياد کي مضبوط ڪري ٿي. سينيٽ چيئرمين روسي فيڊريشن جي چيئرپرسن ۽ روسي قيادت کي يومِ فتح جي 80هين سالگره تي مبارڪون به پيش ڪيون. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن پارلياماني مٽاسٽا، علائقائي سلامتي، توانائيءَ جي شعبي ۾ سهڪار ۽ عوامي رابطن کي هٿي ڏيڻ سميت مختلف معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ويلنٽينا ماٽوينيڪو، سينيٽ چيئرمين کي ڀليڪار ڪيو ۽ کيس هڪ مدبر سياستدان ۽ روس جي پُراڻي دوست طور ساراهيو. هن چيو ته سيد يوسف رضا گيلاني جي وزيراعظم جي دؤر ۾ ٻه طرفه ناتا مضبوط ٿيا ۽ هاڻ سندس چيئرمين شپ ۾ اهي نئين بلندين تي پهچي رهيا آهن. هن ٻنهي پارلياماني ادارن وچ ۾ گڏيل مفاهمتي يادداشت تحت سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ ۾ دلچسپيءَ جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ پارلياماني سفارتڪاري جي اسٽريٽجڪ اهميت، خاص طور تي اهڙي وقت ۾ جڏهن جيو پوليٽيڪل ڇڪتاڻ وڌي رهي آهي تي زور ڀريو ويو. سينيٽ چيئرمين چيو ته مضبوط بين الپارلياماني رابطا اهڙن خطن ۾ استحڪام آڻي سگهن ٿا جيڪي ڇڪتاڻ جو شڪار آهن جن ۾ افغانستان ۽ ڏکڻ ايشيا به شامل آهن. هن چيو ته پاڪستان ڏکڻ ايشيا ۾ امن، استحڪام ۽ قانون جي حڪمراني لاءِ پُرعزم آهي ۽ سمورن تڪرارن خاص ڪري ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ هميشه ڳالهين ۽ سفارتي طريقن جو حامي رهيو آهي. هن ان ڳالهه تي به زور ڀريو ته پاڪستان پُرامن، گڏيل بقا ۽ علائقائي سهڪار جي اصولن تي مڪمل يقين رکي ٿو ۽ پاڪستان اشتعال انگيزين ۽ سيڪيورٽي خدشن باوجود هميشه تحمل جو مظاهرو ڪيو ۽ محاذ آرائي بدران ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ تعميري ڳالهين جي مسئلن جي حل لاءِ ترجيح ڏني آهي. علائقائي منظرنامي تي ڳالهائيندي سينيٽ چيئرمين چيو ته لکين بي گناهن کي جنگ ۾ ڌڪڻ بجاءِ ڳالهين ذريعي معاملن کي اڳيان وڌائڻ گهرجي. پاڪستان بي بنياد الزامن کي رد ڪيو آهي ۽ ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ والاريل ڄمون ڪشمير ۾ تازي ڀارت جي بنياد الزامن تي آزاداڻي جاچ جو مطالبو ڪيو آهي ۽ هڪ طرفي قدمن جهڙوڪ سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي جي مذمت ڪئي آهي. هن روس تي زور ڀريو ته هو پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ امن کي هٿي ڏيڻ ۾ فعال ڪردار ادا ڪري. هن واضح ڪيو ته پاڪستان شاهدين جي فراهمي ۽ واقعي جي آزاداڻي جاچ جي باقاعده تجويز ڏني ته جيئن جنگ کي وڌائڻ بجاءِ انصاف ٿئي. هن مؤقف اختيار ڪيو ته ڪنهن به ملڪ جي سرزمين کي ٻئي ملڪ خلاف دهشتگردي لاءِ استعمال نه ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته هڪ ذميدار عالمي طاقت ۽ پاڪستان جي پُراڻي دوست جي حيثيت سان هو پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڳالهين لاءِ متحرڪ ڪردار ادا ڪري. ويلنٽينا ماٽوينيڪو چيو ته روس پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڳالهين ۾ معاونت لاءِ تيار آهي. هن چيو ته هي همٿائيندڙ ڳالهه آهي ته صورتحال هاڻ بهتر ٿي رهي آهي ۽ جنگبندي قائم ٿي چڪي آهي. هن چيو ته عالمي دهشتگرد صرف علائقائي استحڪام لاءِ ناهي پر عالمي امن لاءِ به خطرو آهن. روس طرفان تازي اڳڀرائي تي ڳالهيون ڪندي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته سفارتي زبان ئي غالب اچڻ گهرجي. روس ۽ يوڪرين تڪرار جو ذڪر ڪندي هن چيو ته صرف ڳالهين سان ئي تڪرارن جو حل ممڪن آهي. واپار ۽ اقتصادي تعاون کي هٿي وٺرائڻ لاءِ سينيٽ چيئرمين پاڪستان ۾ موجود واپار ۽ سيڙپڪاري جي وسيع موقعن کي تفصيل سان اجاگر ڪيو. هن چيو ته پاڪستان روس بين الحڪومتي ڪميشن تحت جاري منصوبن خاص طور تي توانائي، ميٽالرجي، هائيڊرو، ٿرمل پاور ۽ ايل اين جي ۾ گڏيل منصوبن تي اڳڀرائي تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن بارڊر سسٽم جهڙن جديد واپاري طريقن تي ٿيل تازي ڳالهه ٻولهه کي ساراهيو ۽ ڪاروبار کان ڪاروبار رابطن کي اهم قرار ڏنو. ثقافتي ۽ تعليمي مٽاسٽا کي وسعت ڏيڻ لاءِ سينيٽ چيئرمين تفصيلي روشني وجهندي چيو ته يونيورسٽي ڀائيواري، ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ سهڪار، شاگردن جي مٽاسٽا ۽ ويزا پاليسين ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ سان بهتري اچي سگهي ٿي. سيد يوسف رضا گيلاني پاڪ روس سڌيءَ ريت اُڏامن جي بحاليءَ تي به خوشيءَ جو اظهار ڪيو، جنهن سان سياحت ۽ واپار ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ جا نوان امڪان کُلندا. سينيٽ چيئرمين دهشتگرديءَ خلاف پاڪستان جي قربانين کي به تفصيل سان اجاگر ڪيو. هن چيو ته پاڪستان دهشتگردي جي جنگ ۾ وڏي قيمت ادا ڪئي آهي، هن چيو ته منهنجو پُٽ ٽن سالن تائين يرغمال رهيو. پاڪستان جي پهرين عورت وزيراعظم بينظير ڀٽو کي آپگهاتي حملي ۾ شهيد ڪيو ويو. ملاله يوسفزئي کي منهنجي دؤر ۾ عالمي سطح تي سُڃاڻپ ملي. اسان فرنٽ لائن رياست آهيون ۽ عالمي يڪجهتي جا منتظر آهيون. هن چيو ته پاڪستان ۽ روس اسپيڪرز ڪانفرنس جا ميمبر آهن ۽ انٽر پارليامينٽري ڪانفرنس جي باني چيئرمين جي حيثيت سان آءِ ايس سي ۽ فيڊريشن ڪائونسل وچ ۾ مستقبل ۾ سهڪار جا خواهشمند آهيون ته جيئن ڳالهين ۽ رابطن کي وڌيڪ هٿي وٺرائي سگهجي. سينيٽ چيئرمين علائقائي امن جي جوڙجڪ ۾ پارلياماني سفارتڪاري جي اهميت کي اجاگر ڪيو ۽ فرينڊشپ گروپ جي سرگرمين ۾ تيزي آڻڻ تي زور ڀريو. ملاقات ۾ فيڊريشن ڪائونسل جي نائب چيئرمين ڪانسنٽين ڪوسا چيف، سينيٽ آف پاڪستان ۽ فيڊريشن ڪائونسل وچ ۾ سهڪار جي گروپ جي سربراهه ولاديمير چيزهوف، روس ۾ پاڪستان جو سفير خالد محمد جمالي ۽ سينيٽ چيئرمين جي مالياتي مشير اعزاز خان به موجود هئا.