اسلام آباد- 13 مئي (اي پي پي) آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) وفاقي حڪومت جي پاليسي گائيڊ لائنز موجب سوئي ڪمپنين جي مئي 25ع لاءِ ري گيسيفائيڊ ليڪوئڊ نيچرل گيس (آر ايل اين جي) جي قيمتن جو تعين ڪري ڇڏيو آهي جيڪو پهرين مئي 25ع کان لاڳو هوندو. اوگرا ترجمان طرفان جاري بيان موجب سوئي ناردرن گيس پائيپ لائن لميٽيڊ (ايس اين جي پي ايل) صارفين لاءِ قيمتن ۾ گذريل مهيني (اپريل 25ع) جي ڀيٽ ۾ آر ايل اين جي جي قيمت ۾ 12.51 سيڪڙو يا 1.6864 ڊالر في ايم ايم بي ٽي يو جي گهٽتائي ڪئي آهي، جڏهن ته سوئي سدرن گيس ڪمپني لميٽيڊ (ايس ايس جي سي ايل) صارفين لاءِ قيمتن ۾ گذريل مهيني (اپريل) جي ڀيٽ ۾ 1.7168 ڊالر في ايم ايم بي ٽي سو يا 13.64 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي. هن چيو ته آر ايل اين جي جي قيمتن ۾ گهٽتائي عالمي مارڪيٽن ۾ امپورٽ قيمت (ڊليوري ايڪس شپ) ۾ گهٽتائي سبب آهي. اوگرا ڪالهه جاري پنهنجي نوٽيفڪيشن ۾ ايس اين جي پي ايل صارفين لاءِ آر ايل اين جي جي سراسري وڪري جي قيمت 11.7925 ڊالر في ايم ايم بي ٽي يو ۽ ايس ايس جي سي ايل صارفين لاءِ 10.8742 ڊالر في ايم ايم بي ٽي يو مقرر ڪئي آهي.