لاهور- 13 مئي (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ، ايچ بي ايل پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) 10 جي بقايا ميچن جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو آهي. شيڊول مطابق ليگ جون 8 باقي ميچون 17 مئي کان 25 مئي تائين راولپنڊي ۽ لاهور ۾ کيڏيون وينديون. راولپنڊي اسٽيڊيم ليگ جي آخري چار گروپ ميچن جي ميزباني ڪندو، جڏهن ته لاهور جو قذافي اسٽيڊيم پلي آف مرحلي ۾ شامل فائنل جي ميزباني ڪندو. نئين شيڊول مطابق 17 مئي تي راولپنڊي ۾ پشاور زلمي ۽ ڪراچي ڪنگز وچ ۾ مقابلو ٿيندو. 18 مئي تي پهرين ميچ ملتان سلطانز ۽ ڪئيٽا گليڊي ايٽرز وچ ۾ ٿيندي، جڏهن ته ٻئي ميچ ۾ پشاور زلمي ۽ لاهور قلندرز جون ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون. 19 مئي تي ليگ مرحلي جي آخري ميچ اسلام آباد يونائيٽڊ ۽ ڪراچي ڪنگز وچ ۾ کيڏيو ويندو. ان کانپوءِ پي ايس ايل لاهور منتقل ٿيندي. 21 مئي تي پهريون ڪواليفائر، 22 مئي تي ايليمنيٽر ون، 23 مئي تي ڪواليفائر ٽو ۽ 25 مئي تي ايونٽ جو فائنل قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ کيڏيو ويندو. پي سي بي پاران ٽڪيٽن جا تفصيل جلد جاري ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.