اسلام آباد- 13 مئي (اي پي پي) ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته روانگي واپار تي ٻَڌل ترقي نه صرف هڪ ترجيح آهي پر پاڪستان جي معاشي استحڪام ۽ پائيداريءَ لاءِ واحد عمل جوڳو رستو آهي، ملڪي ترقيءَ ۾ معيشت جي هر شعبي کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. مالياتي خرچن جي بلند شرح، مهانگي توانائي ۽ پيچيده ٽيڪس نظام جهڙن ڍانچي جاتي مسئلن کي حل ڪرڻ ضروري آهي. هن اها ڳالهه ناليواري صنعتڪارن ۽ روانگي واپار ڪندڙن جي وفد سان ملاقات ۾ چئي. اها ملاقات حڪومت جي نجي شعبي ۽ صنعتي برادري سان جاري صلاح مشوري جي عمل جو حصو هئي. ناڻي واري وزير ڳالهين دوران ان ڳالهه تي زور ڀريو ته روانگي واپار تي ٻَڌل ترقي نه صرف هڪ ترجيح آهي پر پاڪستان جي معاشي استحڪام ۽ پائيداري لاءِ واحد عمل جوڳو رستو آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پيداوار ۾ واڌ ۽ عالمي مارڪيٽن طرفان رجحان اختيار ڪرڻ اڻٽر آهي ته جيئن پاڪستان بار بار معاشي بحرانن مان نڪري پنجويهين آءِ ايم ايف پروگرام کان بچي سگهي. هن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته موجوده تحفظاتي نظام کي ختم ڪرڻو پوندو ته جيئن چٽاڀيٽي تي ٻَڌل مارڪيٽ کي هٿي ڏئي سگهجي. هن چيو ته غير ضروري تحفظ جي دؤر جو خاتمو ضروري آهي. هن ٻُڌايو ته وزيراعظم ذاتي طور تي ان پاليسي سڌارن جي نگراني ڪري رهيو آهي. ناڻي واري وزير چيو ته مالياتي خرچن جي بلند شرح، مهانگي توانائي ۽ پيچيده ٽيڪس نظام جهڙن ڍانچي جاتي مسئلن کي حل ڪرڻ ضروري آهي ته جيئن مقامي صنعت چٽاڀيٽي جي قابل ٿي سگهي ۽ ملڪ کي پيداواري ۽ روانگي واپار تي ٻَڌل ترقيءَ جي راهه تي آڻي سگهجي. ملاقات ۾ حڪومت جي ٽيرف ۾ سڌارن جي پروگرام تي به ڳالهه ٻولهه ٿي، جنهن جو مقصد انهن رڪاوٽن کي پري ڪرڻ آهي جيڪي ڪاروباري سرگرمين ۾ ڏُکيائيون پيدا ڪن ٿيون. هنن حڪومت جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ پاليسيءَ ۾ تسلسل ۽ دورانديشي کي بهتر بنائڻ لاءِ نجي شعبي جا خيال پيش ڪيا. سينيٽر اورنگزيب خاطري ڏياري ته سمورين ڌُرين جي تجويزن کي سڌارن جي ايندڙ مرحلي ۾ شامل ڪيو ويندو. هن هڪ مستحڪم، پيداواري ۽ عالمي معيشت سان ڳنڍيل فريم ورڪ جي جوڙجڪ لاءِ عوام ۽ نجي شعبي جي سهڪار کي اڻٽر قرار ڏنو.