اسلام آباد- 13 مئي (اي پي پي) سينيٽ جو اجلاس اربع تي شام 4 وڳي پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيندو. سينيٽ سيڪريٽريٽ طرفان جاري ڪيل بيان مطابق صدر آصف علي زرداري سينيٽ جو اجلاس 14 مئي اربع جي شام 4 وڳي پارليامينٽ هائوس ۾ طلب ڪيو آهي. سينيٽ سيڪريٽري، اجلاس جي ايجنڊا جاري ڪئي آهي. اجلاس ۾ سينيٽ جي ميمبر سينيٽر ساجد مير جي لاڏاڻي تي تعزيتي ريفرنس ۽ تعزيتي ٺهراءُ پيش ڪيو ويندو.