ڪراچي- 13 مئي (اي پي پي) برطانيا جي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر لينس ڊوم سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه سان سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. برطانيا جي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر لينس ڊوم سان گڏ سينيئر سياسي صلاحڪار هُديٰ اڪرام ۽ معاشي صلاحڪار نوم روزن باؤم به موجود هئا. اها ملاقات پاڪستان ۽ برطانيا جي تاريخي ۽ مضبوط لاڳاپن جي عڪاسي ڪري ٿي. سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر وفد جي آجيان ڪئي ۽ سنڌ اسيمبلي جي تاريخي اهميت تي روشني وڌي. اسپيڪر ٻڌايو ته هي پهرين اسيمبلي هئي، جنهن جدا مسلم رياست جي قيام جي حق ۾ ٺهراءُ منظور ڪيو ۽ ان ئي ايوان ۾ آزادي کان پوءِ پهريون ڀيرو پاڪستان جو قومي جهنڊو ڦڙڪايو ويو. اسپيڪر سان گڏ سنڌ حڪومت جي ترجمان سعديه جاويد، ايم پي اي ڄام شبير علي، سيڪريٽري جي ايم عمر فاروق، ڊائريڪٽر جنرل ميڊيا عرفان احمد ميمڻ ۽ هما اڪرام الله به موجود هئي. ملاقات دوران واپار، تعليم ۽ عوامي صحت جي شعبن ۾ سنڌ ۽ برطانيا وچ ۾ تعاون وڌائڻ تي ڳالهيون ڪيون ويون. اسپيڪر ٻوڏ ۽ ٻين انساني بحرانن دوران برطانيا جي مستقل مدد تي ٿورا مڃيا. اسپيڪر ۽ برطانيا جي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر غلط ۽ گمراهه ڪندڙ معلومات جي وڌندڙ مسئلي تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ زور ڀريو ويو ته عوامي نمائندن کي ذميواريءَ جو مظاهرو ڪندي سماجي هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ گهرجي. ان موقعي تي عالمي معاملن تي پڻ ڳالهيون ٿيون، اسپيڪر پاڪستان ۽ ڀارت جي جنگ بندي واري اعلان جي واکاڻ ڪئي ۽ چيو ته پاڪستان ان فيصلي جي آجيان ڪري ٿو ۽ اميد ڪري ٿو ته ٻي ڌر به ان فيصلي تي عمل ڪندي. اويس قادر شاهه واضح ڪيو ته پاڪستان هميشه امن جو حامي رهيو آهي ۽ معاملا ڳالهين ذريعي ئي حل ڪرڻ تي يقين رکي ٿو. اسپيڪر پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت جي دور ۾ منظور ڪيل اهم قانونن جو به ذڪر ڪيو، جن ۾ سنڌ چائلڊ ميريج ريسٽرينٽ ايڪٽ (2013)، سنڌ ڊوميسٽڪ وائلنس ايڪٽ (2013)، سنڌ اينٽي هراسمنٽ ايڪٽ (2010) ۽ سنڌ ايسڊ ڪرائيم ڪنٽرول ايڪٽ (2011) شامل آهن، جيڪي عورتن جي تحفظ ۽ سماجي انصاف لاءِ اهميت رکن ٿا. سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر سنڌ جي صوفيانه ۽ هم آهنگ معاشرتي ڍانچي تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي جتي مذهبي اقليتون عزت ۽ احترام سان رهن ٿيون ۽ حڪومت ان هم آهنگي جي حفاظت لاءِ پرعزم آهي. مسٽر ڊوم سنڌ جي ٽرانسپورٽ سيڪٽر ۾ ٿيندڙ ترقي جي ساراهه ڪئي جڏهن ته ايم پي اي سعديه جاويد ۽ ڄام شبير علي اسپيڪر اويس قادر شاهه جي اڳوڻي وزيرِ ٽرانسپورٽ طور ورتل قدمن تي روشني وڌي، جن ۾ ريڊ بس سروس ۽ اليڪٽرڪ بسن جو آغاز شامل آهي، جنهن سان شھري آمد و رفت ۾ بهتري آئي آهي. برطانيا جي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر جي درخواست تي اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه وفد کي سنڌ اسيمبلي جي تاريخي اولڊ هال جو دورو ڪرايو جتي پاڪستان جو ٺهراءُ منظور ڪيو ويو هو. ان کان پوءِ وفد کي نئين اسيمبلي هال جو به دورو ڪرايو ويو جيڪو سنڌ جي جمهوري ترقيءَ جي علامت آهي. ان موقعي تي اسپيڪر اويس قادر شاهه، ڊپٽي هاءِ ڪمشنر لينس ڊوم کي سنڌ اسيمبلي جي يادگاري شيلڊ، سنڌي اجرڪ ۽ ٽوپي تحفي طور پيش ڪيا. ڊپٽي هاءِ ڪمشنر شاندار آجيان، بامعنيٰ ڳالهه ٻولهه ۽ شاندار مهمان نوازي تي اسپيڪر جا ٿورا مڃيا.