ڪراچي- 13 مئي (اي پي پي) پيپلز پارٽي سنڌ پاران پاڪ – ڀارت جنگبندي تي 15 مئي خميس ڏينهن سڄي سنڌ ۾ شڪراڻي جي اظهار طور ريليون ڪڍڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. اھڙو اعلان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙو پنهنجي جاري ڪيل پاليسي بيان ۾ ڪيو آهي. نثار کهڙو چيو آهي ته پيپلز پارٽي پاران پاڪ – ڀارت جنگبندي تي 15 مئي خميس ڏينهن شام 5 وڳي سنڌ جي سڀني ضلعي هيڊ ڪوارٽرن ۾ اظهار تشڪر ريليون ڪڍيون وينديون. ان سلسلي ۾ پيپلز پارٽي سنڌ جون سموريون ضلعي تنظيمون پنهنجن پنهنجن ضلعن ۾ اظهارِ تشڪُر ريليون ڪڍن. نثار کهڙو چيو ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جا ٿورائتا آھيون جنھن ٻن ايٽمي ملڪن وچ ۾ جنگبندي ڪرائڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته آمريڪي صدر پاڪ – ڀارت تڪرار ختم ڪرائي جنگبندي بابت پنهنجي چونڊ مهم جي نعري تي عمل ڪري ڏيکاريو آهي. هن چيو ته ڀارتي جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ ۽ بهادريءَ جو مظاهرو ڪرڻ تي پاڪستان جي فضائي، بحري ۽ زميني فوج جي جوانن کي سلام پيش ڪيون ٿا. ھن چيو ته پاڪستان خطي ۾ امن جو خواهشمند آهي، جنگون ڪنهن به مسئلي جو حل نه آهن، ڳالهين ذريعي ئي مسئلا حل ٿي سگھن ٿا. نثار کهڙو چيو ته پاڪ-ڀارت جنگبندي کانپوءِ سنڌ طاس معاهدي جي تڪرار جو به حل نڪرڻ گهرجي. هن چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري عالمي فورمن تي پاڪ-ڀارت تڪرار جي خاتمي ۽ امن پسندي جي سوچ جي حوالي سان آواز اٿاري پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي.