اسلام آباد – 13 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف تعمير هيٺ دانش اسڪولن ۽ دانش يونيورسٽي تي ڪم تيز ڪرڻ، ان جي اعليٰ معيار جي تعمير، ٿرڊ پارٽي ويليڊيشن ۽ دانش اٿارٽي قائم ڪرڻ جي حوالي سان تجويزون پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ دانش اسڪولز ۽ يونيورسٽي جي حوالي سان جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ سڄي ملڪ ۾ 15 نئين دانش اسڪولز جي تعمير جي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. اجلاس کي ملڪ جي مختلف علائقن ۾ تعمير هيٺ دانش اسڪولز ۽ دانش يونيورسٽي اسلام آباد جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته دانش اسڪول اسلام آباد جو 41 سيڪڙو ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي، ان کي ڊسمبر 2025ع ۾ مڪمل ڪيو ويندو. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته گلگت بلتستان ۾ دانش اسڪول، سلطان آباد، گانڇي ۽ استور کي 30 جون 2026ع تائين مڪمل ڪيو ويندو، ڀمڀر ۽ باغ جا دانش اسڪولز جون 2026ع ۾ مڪمل ٿيندا، شارده، سبي، موسيٰ خيل ۽ زوب جي دانش اسڪولن جي فزيبلٽي ۽ ڊيزائن مڪمل ٿي چڪي آهي، حب، ڪراچي ۽ چترال جي دانش اسڪولن جي حوالي سان زمين حاصل ڪرڻ جي حوالي سان ڪم ڪيو پيو وڃي، وفاقي ڪابينا جي منظوري سان دانش يونيورسٽي جي حوالي سان زمين مختص ڪئي وئي آهي. اجلاس يونيورسٽي جي فزيبلٽي، ڊيزائن جي پري ڪواليفڪيشن جي لاءِ ماهر ڪنسلٽنٽ جي مقرري جو عمل شروع ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وزيراعظم تعمير هيٺ دانش اسڪولن ۽ دانش يونيورسٽي تي ڪم تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن دانش اسڪولز ۽ يونيورسٽي جي اعليٰ معيار جي تعمير ۽ ٿرڊ پارٽي ويليڊيشن جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته دانش اسڪولز ۽ يونيورسٽي ملڪ جي مستحق قابل شاگردن کي اعليٰ معيار جي تعليم جي فراهمي جي حوالي سان حڪومت جا ترجيحي منصوبا آهن. هن دانش اسڪولز جي سمورن ڪلاس رومز ۾ سمارٽ بورڊ هڻڻ ۽ هر دانش اسڪول ۾ ڊيجيٽل لائبريري ٺاهڻ جي هدايت ڪئي. هن هدايت ڪئي ته دانش اسڪول ۾ استادن جي مقرري جو عمل ميرٽ تي ٻڌل ۽ انتهائي شفاف هجڻ گهرجي، جنهن علائقي ۾ دانش اسڪول تعمير ٿي رهيو آهي اتان جي مقامي استادن کي ترجيح ڏني وڃي. وزيراعظم دانش اٿارٽي قائم ڪرڻ جي حوالي سان تجويزون پيش ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. اجلاس ۾ منصوبابندي وفاقي وزير احسن اقبال، تعليم واري وفاقي وزير ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، چئني صوبن، گلگت بلتستان، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي چيف سيڪريٽريز، اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري جي چيف ڪمشنر ۽ ٻين لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي.