اسلام آباد – 13 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته گذريل هفتي پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ شديد ڇڪتاڻ دوران پاڪستان ڀارت تي حملو ڪرڻ جي لاءِ ائٽمي هٿيار هڻڻ تي غور نه ڪيو، ڀارت جي ڊائريڪٽر جنرل ملٽري آپريشنز جي اسان طرفان پيغام ملڻ جي دعويٰ غلط آهي، آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو پيغام ڏنو هو ته ڀارت ويڙهه روڪڻ جي لاءِ تيار آهي. آمريڪي نشرياتي اداري ”سي اين اين“ کي انٽرويو ڏيندي نائب وزيراعظم چيو ته 7 مئي تي ڀارت جي سرحد پار حملن کانپوءِ پاڪستان وٽ پنهنجي دفاع ۾ حملي ڪرڻ کانسواءِ ڪو بيو رستو نه هو. هن ڀارت جي حملن کي جنگ ۽ ڪشمير ۾ پنهنجي بالادستي قائم ڪرڻ جي خواهشمند ڪوشش قرار ڏيندي چيو ته ڪجهه وقتن تي ائين ٿيندو آهي جڏهن توهان کي تمام گهڻا سنجيده فيصلا ڪرڻا پوندا آهن، اسان کي پورو يقين هو ته اسان جي روايتي صلاحيت ۽ دفاعي صلاحيتون ايتريون مضبوط آهن جو اسان ڀارت کي فضا ۽ زمين ٻنهي تي شڪست ڏينداسين. نائب وزيراعظم چيو ته جنگبندي جو معاهدو هيستائين برقرار نظر اچي ٿو جڏهن ته ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ اڃان تائين ڏورس ڳالهه ٻولهه ناهي ٿي، اسان کي اڃا به اميد آهي ته احساس غالب رهندو. هن چيو ته اهو سڀني جي مفاد ۾ آهي ته اهڙي طرح جي معاملن کي هڪ خاص وقت کان اڳتي نه ڇڏيو وڃي. هن چيو ته ڀارتين ڏٺو آسمان تي ڇا ٿيو، اهي ڏسي سگهن ٿا ته نقصان ڪيترو سنگين هو. نائب وزيراعظم چيو ته ڀارتي ۽ پاڪستاني عملدارن جي وچ ۾ ڪو سڌوسنئون رابطو ناهي ٿيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ڀارت جي ڊائريڪٽر جنرل ملٽري آپريشنز جي ان دعويٰ کي غلط قرار ڏنو جنهن ۾ چيو ويو هو ته انهن کي مبينا طور تي ڳالهه ٻولهه دوران پاڪستاني هم منصب جو پيغام مليو هو. سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو اهو پيغام ڏنو هو ته ڀارت ويڙهه روڪڻ جي لاءِ تيار آهي. هن چيو ته پاڪستان ڊگهي مدي واري امن ۽ سلامتي جي لاءِ اهڙو رستو قائم ڪرڻ جو منتظر آهي جيڪو ”ٻنهي طرفن جي لاءِ وقار“ فراهم ڪري. نائب وزيراعظم ڪشمير تڪرار کي علائقائي عدم استحڪام جو بنيادي سبب قرار ڏيندي ڪشميري عوام کي خودمختياري جو حق ڏيڻ تي زور ڏنو. هن ان ڳالهه جو ٻيهر ورجاءُ ڪيو ته پهلگام ۾ گذريل مهيني ٿيندڙ حملي ۾ پاڪستان جو هٿ نه هو ۽ اهو ته اسان هر قسم جي دهشتگردي جي مذمت ڪريون ٿا. سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڪشمير تڪرار جو حل ڳولڻ بابت صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي سوشل ميڊيا پوسٽ طرف اشارو ڪندي چيو ته آمريڪي صدر پاڪستان جي دهشتگردي جي خاتمي جي ڪوششن جي حمايت ڪئي. هن چيو ته جيڪڏهن هو اسان جي ڪوششن تي يقين نه ڪندو هجي ها ته هو اهڙي طرح تعاون نه ڪري ها جيڪو هن ڪيو. نائب وزيراعظم سنڌ طاس معاهدي کي التوا ۾ رکڻ جي ڀارتي فيصلي جو حوالو ڏيندي خبردار ڪيو ته جيڪڏهن پاڻي جو مسئلو ايندڙ ڳالهه ٻولهه ۾ حل نه ڪيو ويو ته اڳ ۾ ئي غيريقيني جنگبندي کي خطرو ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته پاڻي جي مسئلي کي حل ڪرڻ ۾ ناڪامي جنگ جي برابر هوندي.