راولپنڊي-13 مئي (اي پي پي) ڀارتي حملن دوران اسڪوارڊرن ليڊر عثمان يوسف سميت 11 جوانن سميت 51 شهري شهيد ٿيا آهن. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي( آءِ ايس پي آر) مطابق ڀارت خلاف حق جي مقابلي واري جنگ ۾ وطن جي حفاظت ڪندي 11 جوانن شهادت ماڻي جڏهن ته ڀارتي جارحيت جو جواب ڏيندي 78 اهلڪار زخمي پڻ ٿيا آهن.ڀارتي حملن ۾ شهادت ماڻيندڙڻ ۾ پاڪ فضائيه جو اسڪوارڊرن ليڊر عثمان يوسف، چيف ٽيلينيشن اورنگزيب، سينيئر ٽيلينيشن نجيب، ڪارپورل ٽيلينيشن فاروق ۽ سينيئر ٽيلينيشن مبشر، نائيڪ عبدالرحمان، لانس نائيڪ دلاور خان، لانس نائيڪ اڪرام الله، نائيڪ وقار خالد، سپاهي محمد عديل اڪبر ۽ سپاهي نثار شهادت جو جام پيتو. ڀارتي فوج 06 ۽ 07 مئي 2025ع تي بلاجواز حملا شروع ڪيا ۽ انهن حملن ۾ 40 شهري شهيد ٿيا جن ۾ 7 عورتون ۽ 15 ٻار به شامل هئا جڏهن ته 121 معصوم شهري زخمي پڻ ٿيا. ڀارت حملن ۾ عورتن، ٻارن، بزرگن سميت معصوم شهرين کي نشانو بڻايو. زخمين ۾ 10 عورتون ۽ 27 ٻار به شامل آهن. سنگين ڀارتي جارحيت جي جواب ۾ پاڪ فوج ڀرپور جواب ڏنو ۽ آپريشن بنيان مرصوص ذريعي درست ۽ شاندار جوابي حملا ڪيا ويا. آءِ ايس پي آر موجب شهيدن جي عظيم قرباني ۽ اڻٽٽ حب الوطني هڪ لازوال علامت آهي. شهيدن جي قربانين کي هميشه ياد رکيو ويندو. قوم ڀارتي جارحيت آڏو پرعزم آهي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ان ۾ ڪو شڪ نه رهڻ گهرجي پاڪستان جي خودمختياري يا علائقائي سلامتي کي چئلينج ڪرڻ جي ڪنهن به ڪوشش جو ڀرپور ۽ فيصلائتو جواب ڏنو ويندو.