روم-13 مئي(اي پي پي) انگلينڊ جي مشهور ٽينس اسٽار ايماراڊوڪانو اٽالين اوپن ٽينس ٽورنامينٽ ۾ عورتن جي سنگلز مقابلن جي چوٿين رائونڊ ۾ هارائي ايونٽ کان ٻاهر ٿي وئي. 21 سالن جي آمريڪي ٽينس اسٽار ڪوڪوگف شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي 2021ع جي يو ايس اوپن چيمپئين 22 سالن جي برطانوي حريف ايماراڊوڪانو کي هارائي ڪوارٽر فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو . اٽالين اوپن ٽينس ٽورنامينٽ جي سخت مقابلن جو سلسلو اٽلي ۾ جاري آهي . جنهن ۾ ٽينس جي مداحن کي انتهائي دلچسپ ۽ سخت مقابلا ڏسڻ لاءِ ملندا.