ابوظهبي -13 مئي (اي پي پي) گڏيل عرب امارات ۾ عيدالاضحيٰ 6 جون تي ٿيڻ جو امڪان آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اماراتي فلڪياتي سوسائٽي جي نگران اعليٰ ۽ عرب فلڪياتي فيڊريشن جي ميمبر ابراهيم الجرون گذريل ڏينهن ٻڌايو آهي ته گڏيل عرب امارات ۾ عيدالاضحيٰ جون موڪلون 4 ڏينهن ٿينديون. امڪان آهي ته 6 جون تي عيدالاضحيٰ ٿيندي. هن چيو ته فلڪيان ماهرن امڪان ظاهر ڪيو آهي ته 27 مئي تي گڏيل عرب امارات جي وقت مطابق 7 لڳي 2 منٽ تي ذوالحجه جي چنڊ جي پيدائش ٿيندي. فلڪياتي حساب سبب پهرين ذولحجه اربع ڏينهن 28 مئي ٿيندي اهڙي طرح 6 جون تي ذوالحجه جي 10 تاريخ ٿيڻ جو امڪان آهي.