اسلام آباد – 13 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف معرڪه حق جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته پاڪ فوج جي بهادر آفيسرن ۽ جوانن ملڪ جي دفاع لاءِ قوم سان ڪيل واعدو پورو ڪري ڇڏيو، پوري قوم کي پنهنجي شهيدن ۽ انهن جي گهرڀاتين تي فخر آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته پنهنجي بهادر سپوتن جي قربانين کي قوم ڪڏهن به نه وساريندي. وزيراعظم وطن جي تحفظ دوران پاڪ فضائيه جي 5 ۽ پاڪ فوج جي 6 آفيسرن ۽ جوانن جي شهادت تي انهن کي عقيدت جو نذرانو پيش ڪيو. وزيراعظم چيو ته اسان نه رڳو ملڪ جو ڀرپور دفاع ڪيو پر پاڪستان جي سالميت ۽ خودمختياري تي ڪوبه ڌٻو اچڻ نه ڏنو. وزيراعظم چيو ته مون سميت پوري قوم کي پنهنجي شهيدن ۽ انهن جي گهرڀاتين تي فخر آهي. پنهنجي بهادر سپوتن جي قربانين کي قوم ڪڏهن به نه وساريندي. وزيراعظم ڀارتي جارحيت جي نتيجي ۾ 15 ننڍي عمر جي ٻارن ۽ 7 عورتن سميت 40 معصوم ماڻهن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته اسان وطن جي شهيدن کي نه وساريو آهي نه وسارينداسين ۽ انهن جي گهرڀاتين کي اڪيلو نه ڇڏينداسين. وزيراعظم چيو ته شهداءِ پئڪيج جو اعلان ڪيو ويو آهي، شهيدن جي گهرڀاتين جي ڪفالت جي ذميواري رياست ڀرپور طريقي سان سرانجام ڏيندي. وزيراعظم شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ انهن جي گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. هن چيو ته آپريشن ”بُنيانِ مرصوص“ ڀارت کي ڀرپور جواب ڏنو ويو ۽ ان تي واضح ڪيو ويو ته ان کي خطي ۾ موجود ٻين ملڪن جي سالميت ۽ خودمختياري جو احترام ڪرڻو پوندو. معرڪه حق ۾ پاڪ فوج ڀارت جي عددي برتري جي خوش فهمي ۽ غرور کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو. وزيراعظم معرڪه حق ۾ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. هن چيو ته اسان پرامن قوم آهيون، پر ڪنهن به جارحيت جو جواب ڏيڻ ڄاڻون ٿا ۽ آپريشن ”بُنيانِ مرصوص“ ان جو واضح ثبوت آهي.