راولپنڊي-12 مئي (اي پي پي) پاڪ فوج ڀارتي اڳرائيءَ خلاف ڀرپور جوابي ڪارروائي لاءِ شروع ڪيل آپريشن بنيان مرصوص جي پڄاڻيءَ جو اعلان ڪندي چيو ته پاڪستان حملن جو بدلو وٺڻ ۽ انصاف جي فراهميءَ جو عزم ڪيو هو، الحمدلله پاڪستاني قوم عوام سان ڪيل وعدو پورو ڪيو ۽ پاڪ فوج طرفان ڀارتي اڳرائيءَ جي جواب ۾ شروع ڪيل ڀارت سان 22 اپريل کان 10 مئي تائين ويڙهه کي معرڪه حق جو نالو ڏنو ويو آهي. آءِ ايس پي آر طرفان جاري پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي هٿياربند فوج الله تعاليٰ جي نعمتن، رحمت، مدد ۽ نصرت تي شڪر گذار آهي، الله تعاليٰ مؤمنن تي لازم ڪيو آهي ته جڏهن به انهن تي ظلم ٿئي ته هو ان جو جواب ڏين، اسان شڪر ادا ڪريون ٿا ته الله تعاليٰ اسان کي جنگ جي ميدان ۾ ڪاميابي عطا ڪئي. اسان شهيدن جي وارثن ۽ ڪٽنبن سان دلي همدردي ۽ يڪجهتيءَ جو اظهار ڪريون ٿا، جن وطنِ عزيز لاءِ پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪيو. جڏهن ته زخمي هم وطنن جي جلد صحتيابيءَ لاءِ دعاگو آهيون. اسان پاسڪتان جي هٿياربند فوج جي هر آفيسر، سپاهي، ايئر مين ۽ سيلر جو دل جي گهرائيءَ سان شڪريو ادا ڪريون ٿا، جن پنهنجي بهادري، پيشيوراڻي مهارت ۽ قربانيءَ ذريعي جنگ جي ميدان ۾ ان ڪاميابيءَ کي ممڪن بنايو. پاڪستان جي هٿياربند فوج پوري پاڪستاني قوم جي شڪرگذار آهي، جن جي اڻ مٽ اخلاقي قوت ۽ ڀرپور حمايت، دعائون ان مشڪل وقت ۾ اسان سان گڏ رهيون. پڌرائيءَ ۾ پاڪستاني ميڊيا جو ٿورو مڃيندي چيو ويو ته اسان جي ميڊيا ڀارت جي پروپينگنڊا ۽ جنگي جنون خلاف آپريشن بنيان مرصوص يعني لوهي ڀت وانگر بيٺا رهيا. پڌرائيءَ ۾ چيو ويو ته اسان سفارتي محاذ تي پاڪستان جو مؤقف عالمي فورمز تي واضح ۽ پُرانداز ۾ پيش ڪرڻ تي پاڪستان جي سفارتي عملي جي خدمتن کي ساراهيون ٿا. پاڪ فوج جي ترجمان موجب اسان پنهنجي سائنسدانن ۽ انجنيئرز جا به شڪرگذار آهيون جن مقامي ۽ مخصوص نوعيت جون ٽيڪنالاجيز تيار ڪيون جيڪي آپريشن بنيان مرصوص جي شاندار ڪاميابيءَ ۾ بنيادي حيثيت رکن ٿيون. ڊي جي آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته اسان سڀني سياسي پارٽين جي قيادت جا به ٿورائتا آهيون جن سياسي اختلافن کان مٿانهون ٿي وطن جي دفاع ۾ متحد ٿي پاڪ فوج سان گڏ بيهڻ جو بهترين مظاهرو ڪيو، خاص طور تي وزيراعظم پاڪستان ۽ سندس ڪابينه جي قائداڻي بصيرت ۽ جرئتمنداڻن فيصلن تي شڪرگذار آهيون جن قوم کي ان نازڪ موڙ تي صحيح رُخ ۾ رهنمائي فراهم ڪئي. ڀارتي اڳرائيءَ خلاف پاڪستان جي ردِعمل بابت بيان ۾ چيو ويو ته اسان جو جواب ٽنهي فوجن جي گڏيل ڪارروائيءَ جو هڪ نمونو هو جنهن ۾ حقيقتي وقت ۾ صورتحال کان آگاهي، نيٽ ورڪ سينٽر، وار فيئر ۽ ملٽي ڊومين آپريشنز جو بي مثال ميلاپ شامل هو. پڌرائيءَ موجب زمين، فضا، سمنڊ ۽ سائبر محاذ تي اسان هم آهنگيءَ سان ڪارروايون ڪيون ۽ پاڪستان خلاف استعمال ٿيندڙ ڀارت جي 26 اهم ملٽري ٽارگيٽس کي نشانو بنايو، اهي ٺڪاڻا جيڪي پاڪستان ۾ دهشتگرديءَ کي هٿي ڏيڻ ۾ استعمال ٿين ٿا، انهن ٺڪاڻن کي نه صرف والاريل ڪشمير ۾ پر ڀارت اندر به نشانو بنايو ويو. اهي ڪارروايون پاڪستان آرمي جي ڊگهي مفاصلي تائين مار ڪندڙ واليفتح سيريز ايف ون ۽ ايف ٽو ميزائلن، پاڪ فضائيه جي درست نشانو لڳائيندڙ هٿيارن، انتهائي مؤثر لوئٽرنگ ڪِلر ميزائلن ۽ ڊگهي مفاصلي تائين مار ڪندڙ آرٽلري ذريعي ڪيون ويون. نشانو بنايل هدف ۾ ڀارتي فضائيه ۽ ايوي ايشن جا اڏا شامل آهن جن ۾ سورت ڳڙهه، سرسا، ڀڄ، نليا، آدم پور، ڀنڊه، برناله، حلواره، اونتي پوره، سري نگر، ڄمون، اڌم پور، ممون، امباله ۽ پٺاڻ ڪوٽ شامل آهن ۽ انهن سمورن هدفن تي دشمن کي شديد نقصان پهتو. بياس ۽ ناگروٽا ۾ واقع براهموس ميزائل جا ذخيرا به تباهه ڪيا ويا، جيڪي پاڪستاني شهرين تي حملن ۾ استعمال ٿيا هئا، جڏهن ته آدم پور ۽ ڀج ۾ نصب ايس 400 دفاعي نظام کي به پاڪ فضائيه ڪاميابيءَ سان نشانو بنايو ۽ غير مؤثر ڪري ڇڏيو. آءِ ايس پي آر طرفان چيو ويو ته اڙي ۾ فيلڊ سپلاءِ ڊيپو ۽ پونجهه ۾ ريڊار سسٽم جهڙي لاجسٽڪ ۽ سپورٽ مرڪز کي به نشانو بنايو ويو جتي معصوم پاڪستاني شهرين خلاف غير قانوني ڀارتي ڪارروائي کي سپورٽ فراهم ڪئي وئي هئي. ان کان علاوه ڪي جي ٽاپ، نوشهره ۾ موجود 10 برگيڊ ۽ 80 برگيڊ جي ڪمانڊ ٺڪاڻن کي مڪمل طور تي تباهه ڪيو ويو، هي اهي ٺڪاڻا آهن جتا بلا اشتعال فائرنگ ڪري معصوم شهرين کي نشانو بنايو ويو. پڌرائيءَ ۾ چيو ويو ته اهڙا مرڪز جتي ڀارت پنهنجي پراڪسي ڌُرين کي پناهه ڏني، تربيت ڏني ۽ انهن جي صلاحيتن ۾ اضافو ڪيو. جن پاڪستان اندر دهشتگرد حملا ڪيا ۽ معصوم شهرين کي شهيد ڪيو، انهن سمورن هنڌن جي نشاندهي ڪري کين تباهه ڪيو ويو، جن ۾ راجوري ۽ نوشهره ۾ موجوده ڀارتي انٽيليجنس يونٽس ۽ ان جون فيلڊ ڌُرين شامل آهن. ٻئي طرف لائن آف ڪنٽرول ٻاهر هو سمورن آرٽلري، لاجسٽڪ ۽ پوسٽون جيڪي آزاد ڪشمير ۾ شهرين تي فائرنگ ڪنديون هيون انهن تي شديد ۽ مسلسل جوابي ڪارروائي ڪئي وئي، ايستائين جو کين سفيد جهنڊا ڦڙڪائڻا پيا. پاڪ فوج جي ترجمان موجب ڀارت ڊرونز ذريعي پاڪستان جي فضائي حدن جي ڀڃڪڙي ڪئي ته جيئن عوام ۾ خوف پکيڙي سگهجي ۽ انهن کي ڊيڄاري سگهجي، جڏهن ته آپريشن بنيان مرصوص دوران پاڪستان جي هٿياربند ڊرونز ڀارت جي گاديءَ واري هنڌ نئين دهليءَ سميت وڏن شهرن ۽ والاريل ڪشمير کان وٺي گجرات تائين مسلسل پرواز ڪندا رهيا ته جيئن پاڪستان جي صلاحيت جو نه صرف اظهار ڪري سگهجي پر اهو ٻُڌائي سگهجي ته ان محاذ تي ڀارتي حڪمت عملي ناڪام آهي. پڌرائيءَ ۾ چيو ويو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج مؤثر ۽ جامع سائبر آپريشنز به ڪيا جن ذريعي ڀارتي فوج جي آپريشنل معاونت فراهم ڪندڙ اهم انفراسٽرڪچر ۽ سروسز کي عارضي طور مفلوج ۽ متاثر ڪيو ويو. پاڪستان جي هٿياربند فوج وٽ جديد ۽ مختلف نوعيت جي جديد جنگي صلاحيت موجود آهي جنهن ۾ ڪجهه جو استعمال محدود سطح تي انتهائي احتياط ۽ ذميداريءَ سان ڪيو ويو. بيان موجب انهن سمورن قدمن باوجود ڀارتي اشتعال انگيزين جي مقابلي ۾ پاڪستان جو فوجي ردِعمل نهايت درست متناسب رهيو. ان ردِعمل کي نهايت احتياط سان ترتيب ڏنو ويو ته جيئن ڪنهن شهريءَ کي نقصان نه پهچي ۽ صرف ان ڌُرين ۽ ٺڪاڻن کي نشانو بنائي سگهجي جيڪي پاڪستاني شهرين جي بي رحماڻي قتل ۽ پاڪستان ۾ دهشتگرديءَ جي ڪاررواين ۾ سڌيءَ ريت ملوث هئا. ان دوران جڏهن اوڀر محاذ تي فوج مصروف هئي، پاڪستان کي ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان ۾ ڀارتي سرپرستيءَ ۾ دهشتگرديءَ جي ڪاررواين ۾ غير معمولي واڌ برداشت ڪرڻي پئي جيڪو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته ڀارت پاڪستان ۾ دهشتگردي جي سازشن ۾ سڌيءَ ريت ملوث آهي. هن اسان جي آپريشن سان ڌيان هٽائڻ لاءِ پنهنجي پراسڪي ڌُرين کي مڪمل طور متحرڪ ڪري ڇڏيو هو، جڏهن ته پاڪستان جي باهمت هٿياربند فوج اولهندي محاذ تي دهشتگرديءَ خلاف انتهائي مؤثر بنا ڪنهن وقفي جي آپريشن بنيان مرصوص سان گڏوگڏ انجام ڏنو. آءِ ايس پي آر طرفان وڌيڪ چيو ويو ته معرڪه حق قومي طاقت جي سڀني عنصرن سان گڏ مضبوط عمل جي شاندار مثال رهيو، جنهن ۾ پاڪستاني عوام جي ڀرپور حمايت، اسان جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي تحفظ لاءِ فيصلائتو ڪردار ادا ڪيو، ڪنهن کي به ان ۾ شڪ نه هئڻ گهرجي ته جڏهن به پاڪستان جي خودمختياريءَ کي خطرو ٿيو يا ان جي سرزمين جي خلاف ورزي ڪئي وڃي ته پاڪستان جو جوابي ردِعمل جامع، فيصلائتو ۽ ڀرپور هوندو. پاڪستان جي هٿياربند فوج ان آزمائشن دوران پاڪستاني قوم جي حوصلي، استقلال ۽ جوش جذبي کي سلام پيش ڪري ٿي ۽ ان جو شڪريو ادا ڪري ٿي.