راولپنڊي – 12 – مئي (اي پي پي) پاڪ فوج جي عوامي لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) ڪالهه سومر ڏينهن ڀارت سان 22 اپريل کان 10 مئي 2025ع تائين جاري رهندڙ 19 ڏينهن واري فوجي ٽڪراءُ جا تفصيل جاري ڪندي ان آپريشن کي باضابطا طور تي ”معرڪه حق“ (حق ۽ سچ جي جنگ) جو نالو ڏنو جنهن ۾ دشمن جي فوجي برتري جي دعوائن کي مڪمل طور تي خاڪ ۾ ملايو ويو. پاڪستان حملن جو بدلو وٺڻ ۽ انصاف جي فراهمي جو عزم ڪيو هو، الحمدالله، پاڪستاني فوج عوام سان ڪيل واعدو پورو ڪيو. آءِ ايس پي آر پاران جاري پڌرائي ۾ چيو ويو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج الله تعاليٰ جي نعمتن، رحمت، مدد ۽ نصرت تي شڪرگذار آهي، الله تعاليٰ مومنن تي لازم ڪيو آهي جڏهن انهن تي ظلم ٿئي ته اهي ان جو جواب ڏين، اسان شڪر ادا ڪريون ٿا ته الله تعاليٰ اسان کي جنگ جي ميدان ۾ ڪاميابي عطا فرمائي. اسان شهيدن جي پونئيرن ۽ خاندانن سان دلي همدردي ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا، جن ملڪ جي لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا جڏهن ته زخمي هم وطنن جي جلد صحتيابي لاءِ دعاڳو آهيون. اسان پاڪستان جي هٿياربند فوج جي هر آفيسر، سپاهي، ايئر مين ۽ سيلر جا دل جي گهرائين سان ٿورا ادا ڪريون ٿا جن پنهنجي بهادري، پيشيواراڻي مهارت ۽ قرباني جي ذريعي جنگ جي ميدان ۾ ان ڪاميابي کي ممڪن بڻايو. پاڪستان جي هٿياربند فوج پوري پاڪستاني قوم جي شڪرگذار آهي جن جي اخلاقي قوت، عزم ۽ ڀرپور حمايت ۽ دعائون ان ڏکئي وقت ۾ اسان سان گڏ رهيون. پڌرائي ۾ پاڪستاني ميڊيا جي ٿورا ادا ڪندي چيو ويو ته اسان جي ميڊيا ڀارت جي پروپئگنڊه ۽ جنگي جنون جي خلاف آپريشن ”بُنيان مرصوص“ يعني شيهي جي ديوار وانگر بيٺل رهي. پڌرائي ۾ چيو ويو ته اسان سفارتي محاذ تي پاڪستان جو موقف عالمي فورمز تي واضح ۽ پراعتماد انداز ۾ پيش ڪرڻ تي پاڪستان جي سفارتي عملي جي خدمتن کي پڻ ساراهيون ٿا. پاڪ فوج جي ترجمان موجب اسان پنهنجي سائنسدانن ۽ انجنيئرز جا پڻ شڪرگذار آهيون جن مقامي ۽ مخصوص نوعيت جي ٽيڪنالاجيز تيار ڪيون، جيڪي آپريشن ”بُنيان مرصوص“ جي شاندار ڪاميابي ۾ بنيادي حيثيت رکن ٿيون. ڊي جي آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته اسان سمورين سياسي پارٽين جي قيادت جا پڻ ٿورائتا آهيون جن سياسي اختلافن کان مٿانهون ٿي، وطن جي دفاع ۾ متحد ٿي پاڪ فوج سان گڏ بيهڻ جو بهترين مظاهرو ڪيو، خاص طور تي وزيراعظم پاڪستان ۽ سندس ڪابينا جي قائداڻي بصيرت ۽ جرئتمنداڻي فيصلن تي شڪرگذار آهيون، جن قوم کي ان نازڪ موڙ تي صحيح رخ ۾ رهنمائي فراهم ڪئي. ڀارتي جارحيت جي خلاف پاڪستان جي ردعمل بابت بيان ۾ چيو ويو ته اسان جو جواب ٽنهي فوجن جي گڏيل ڪاررواين جو هڪ نمونو هو، جنهن ۾ حقيقي وقت ۾ صورتحال کان آگاهي، نيٽ ورڪ سينٽرڪ وار فيئر ۽ ملٽي ڊومين آپريشنز جو بي مثال امتزاج شامل هو. پڌرائي موجب زمين، فضا، سمنڊ ۽ سائبر محاذ تي هم آهنگي سان ڪارروايون ڪيون ويون ۽ پاڪستان جي خلاف استعمال ٿيندڙ ڀارت جي 26 اهم ملٽري ٽارگيٽس کي نشانو بڻايو ويو، اهي ٺڪاڻا جيڪي پاڪستان ۾ دهشتگردي جي فروغ ۾ استعمال ٿين ٿا، انهن ٺڪاڻن کي نه رڳو والاريل ڪشمير ۾ پر ڀارت جي اندر پڻ نشانو بڻايو ويو. اهي ڪارروايون پاڪستان آرمي جي ڊگهي فاصلي تائين مار ڪندڙ ”فتح“ سيريز ايف ون ۽ ايف ٽو ميزائيلن، پاڪ فضائيه جي صحيح نشانو لڳائيندڙ هٿيارن، انتهائي موثر ”لوئٽرنگ ڪلر“ ميزائيلن ۽ ڊگهي فاصلي تائين مار ڪندڙ آرٽلري جي ذريعي ڪيون ويون. نشانو بڻايل هدفن ۾ ڀارتي فضائيه ۽ ايوي ايشن جا اڏا شامل هئا جن ۾ سورت ڳڙهه، سرسا، ڀُڄ، نليا، آدم پور، ڀنڊه، برناله، حلواره، اونتي پوره، سري نگر، ڄمون، ادهم پور، امباله ۽ پٺاڻ ڪوٽ شامل آهن ۽ انهن سمورن هدفن تي دشمن کي شديد نقصان ٿيو. بياس ۽ ناگروٽا ۾ موجود ”براهموس“ ميزائيل جا ذخيرا پڻ تباهه ڪيا ويا، جيڪي پاڪستاني شهرين تي حملن ۾ استعمال ٿيا هئا جڏهن ته آدم پور ۽ ڀُڄ ۾ لڳل ايس 400 دفاعي نظام کي پڻ پاڪ فضائيه ڪاميابي سان نشانو بڻايو ۽ غيرموثر ڪري ڇڏيو. آءِ ايس پي آر پاران چيو ويو ته اُڙي ۾ فيلڊ سپلاءِ ڊيپو ۽ پونجهه ۾ ريڊار سسٽم جهڙن لاجسٽڪ ۽ سپورٽ مرڪزن کي پڻ نشانو بڻايو ويو جتان معصوم پاڪستاني شهرين جي خلاف غيرقانوني ڀارتي ڪارروائي کي سپورٽ فراهم ڪئي وئي هئي. ان کانسواءِ ڪي جي ٽاپ، نوشهره ۾ موجود 10 برگيڊ ۽ 80 برگيڊ جي ڪمانڊ ٺڪاڻن کي پڻ مڪمل طور تي تباهه ڪيو ويو، هي اهي ٺڪاڻا آهن جتان اشتعال انگيز فائرنگ ڪري معصوم شهرين کي نشانو بڻايو ويو. پڌرائي ۾ چيو ويو ته اهڙن مرڪزن جتي ڀارت پنهنجي پراڪسي عنصرن کي پناهه ڏني، تربيت ڏني ۽ انهن جي صلاحيت ۾ اضافو ڪيو، جن پاڪستان جي اندر دهشتگرد حملا ڪيا ۽ معصوم شهرين کي شهيد ڪيو، انهن سمورين جاين جي نشاندهي ڪري انهن کي به تباهه ڪيو ويو جن ۾ راجوڙي ۽ نوشهره ۾ موجود ڀارتي انٽيليجنس يونٽس ۽ انهن جا فيلڊ عنصر شامل آهن. ٻئي طرف لائين آف ڪنٽرول جي ٻاهر اهي سمورا آرٽلري، لاجسٽڪ ۽ پوسٽون جيڪي آزاد ڪشمير ۾ شهرين تي فائرنگ ڪنديون هيون انهن تي شديد ۽ مسلسل جوابي ڪارروائي ڪئي وئي، ايستائين جو انهن اڇو جهنڊو ڦڙڪايو. پاڪ فوج جي ترجمان موجب ڀارت ڊرونز جي ذريعي پاڪستان جي فضائي حدن جي خلاف ورزي ڪئي ته جيئن عوام ۾ خوف ڦهلائي سگهجي ۽ انهن کي ڊيڄاري سگهجي، جڏهن ته آپريشن ”بنيان مرصوص“ جي دوران پاڪستان جا هٿياربند ڊرون ڀارت جي گادي واري شهر نئين دهلي سميت وڏن شهرن ۽ والاريل ڪشمير کان وٺي گجرات تائين مسلسل اڏامون ڪندا رهيا ته جيئن پاڪستان جي صلاحيت جو نه رڳو اظهار ڪري سگهجي پر اهو ٻڌائي سگهجي ته ان محاذ تي ڀارتي حڪمت عملي ناڪام آهي. پڌرائي ۾ چيو ويو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج موثر ۽ جامع سائبر آپريشنز به ڪيا جن جي ذريعي ڀارتي فوج جي آپريشنل معاونت فراهم ڪندڙ اهم انفراسٽرڪچر ۽ سروسز کي عارضي طور تي مفلوج ۽ متاثر ڪيو ويو. پاڪستان جي هٿياربند فوج وٽ جديد ۽ مخصوص نوعيت جون جديد جنگي صلاحيتون موجود آهن، جن ۾ ڪجهه جو استعمال محدود سطح تي انتهائي احتياط ۽ ذميواري سان ڪيو ويو. بيان موجب انهن سمورن قدمن جي باوجود ڀارتي اشتعال انگيزين جي مقابلي ۾ پاڪستان جو فوجي ردعمل انتهائي درست، متناسب رهيو، ان ردعمل کي انتهائي احتياط سان جوڙيو ويو ته جيئن ڪنهن شهري کي نقصان نه پهچي ۽ رڳو انهن عنصرن ۽ ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو وڃي جيڪي پاڪستاني شهرين جي بي رحماڻي قتل ۽ پاڪستان ۾ دهشتگردي جي ڪاررواين ۾ سڌوسنئون ملوث هئا. ان دوران جڏهن اوڀرندي محاذ تي فوج مصروف هئي، پاڪستان کي خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ ڀارتي سرپرستي ۾ دهشتگردي جي ڪاررواين ۾ غيرمعمولي اضافو برداشت ڪرڻو پيو، جيڪو ان ڳالهه جو وڌيڪ ثبوت آهي ته ڀارت پاڪستان ۾ دهشتگردي جي سازشن ۾ سڌوسنئون ملوث آهي ۽ هن اسان جو آپريشن تان ڌيان هٽائڻ جي لاءِ پنهنجي پراڪسي عنصرن کي مڪمل طور تي متحرڪ ڪري ڇڏيو هو. جڏهن ته پاڪستان جي باهمت هٿياربند فوج اولهندي محاذ تي دهشتگردي جي خلاف انتهائي موثر ڪارروايون بنا ڪنهن وقفي جي آپريشن ”بنيان مرصوص“ سان گڏوگڏ سرانجام ڏنيون. آءِ ايس پي آر پاران وڌيڪ چيو ويو ته ”معرڪه حق“ قومي طاقت جي سمورن عنصرن جي گڏيل ٺوس عمل جو شاندار مثال رهيو، جنهن ۾ پاڪستاني عوام جي ڀرپور حمايت ۽ اسان جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي تحفظ جي لاءِ فيصلائتو ڪردار ادا ڪيو. ڪنهن کي ان ۾ ڪو شڪ نه هجڻ گهرجي ته جڏهن به پاڪستان جي خودمختياري کي خطرو ٿيو يا ان جي سرزمين جي خلاف ورزي ڪئي وڃي، ته پاڪستان جو جوابي ردعمل جامع، فيصلائتو ۽ ڀرپور هوندو. پاڪستان جي هٿياربند فوج ان آزمائش جي دوران پاڪستاني قوم جي حوصلي، استقلال ۽ جوش ۽ جذبي کي سلام پيش ڪري ٿي ۽ ان جا ٿورا ادا ڪري ٿي.