راولپنڊي – 12 – مئي (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير چيو آهي ته ڪنهن به دشمن جي سازش پاڪستان جي هٿياربند فوج جي عزم کي ڪمزور نه ٿي ڪري سگهي، ”معرڪه حق/ آپريشن بُنيانِ مرصوص“ جي دوران هٿياربند فوج جي غيرمعمولي ۽ متحد ردعمل ۽ پاڪستاني عوام جي پختي حمايت ملڪي عسڪري تاريخ ۾ هڪ نمايان باب لکي ڇڏيو آهي. آءِ ايس پي آر موجب هو سي ايم ايڇ دوري جي موقعي تي ڳالهائي رهيو هو. آرمي چيف ”معرڪه حق/ آپريشن بُنيانِ مرصوص“ جي دوران زخمي ٿيندڙ سپاهين ۽ معصوم شهرين جي خيريت معلوم ڪئي. دوري دوران آرمي چيف زخمي اهلڪارن سان ملاقات ڪئي، انهن جي غيرمعمولي بهادري ۽ فرض شناسي کي ساراهيو ۽ پاڪستان جي هٿياربند فوج جي انهن جي علاج، بحالي ۽ ڀلائي جي لاءِ اڻٿڪ عزم جو ورجاءُ ڪيو. آرمي چيف چيو ته اسان جي شهرين ۽ سپاهين جي جرئت ۽ قرباني پاڪستان جي سلامتي جو بنياد آهي. پوري قوم پنهنجي هٿياربند فوج جي هر شخص سان مڪمل يڪجهتي سان گڏ بيٺل آهي.