اسلام آباد-12 مئي (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ ۾ ڀارتي حملي ۾ شهادت ماڻيندڙ اسڪوارڊن ليڊر سميت ٻين لاءِ فاتحه خواني ڪرائي وئي. قومي اسيمبليءَ جي اجلاس جي شروعات تي ڀارت طرفان پاڪستان تي بزدلاڻن حملن ۾ اسڪوارڊن ليڊر عثمان يوسف ۽ سيڪيورٽي فورسز جي 7 جوانن جي شهادت تي ايوان ۾ فاتحه خواني ڪرائي وئي.