ڪراچي-12 مئي (اي پي پي) توانائي ۽ رٿابندي واري سنڌ جي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته سڄي قوم کي پنهنجي باوقار پاڪ فوج تي فخر ۽ مڪمل اعتماد آهي. پاڪ فوج دشمن جي بزدلانه جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏئي قوم جو ڳاٽ فخر سان اوچو ڪري ڇڏيو آهي. اهي ڳالهيون هن سنڌ ٽرانسميشن اينڊ ڊس پيچ ڪمپني پاران آپريشن “بنيان مرصوص” جي ڪاميابي تي رٿيل يڪجهتيءَ واري ڏهاڙي کي خطاب ڪندي ڪيون. تقريب ۾ سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ لنجار، توانائي سيڪريٽري مشتاق سومرو، ايس ٽي ڊي سي جو سي اي او سليم شيخ، سينيئر جي ايم ٽيڪنيڪل طارق سعيد، چيف فنانشل آفيسر سجاد جونيجو ۽ توانائي ڊپارٽمينٽ جا آفيسر ۽ ملازم شريڪ ٿيا. ان موقعي تي ڪيڪ ڪٽڻ جي رسم پڻ ادا ڪئي وئي. ناصر حسين شاهه آپريشن بنيان مرصوص جي ڪاميابي تي پاڪ فوج، پاڪ فضائيه ۽ بحريه جي سربراهن ۽ جوانن کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته اسان پاڪ فوج کي سلام پيش ڪريون ٿا، جنهن دنيا ۾ پنهنجو لوھ مڃرايو آهي.