نئين دھلي – 12 مئي (اي پي پي) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڀلوڙ بيٽسمين ويرات ڪوھلي ٽيسٽ ڪرڪيٽ تان ريٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ويرات ڪوھلي انسٽاگرام پوسٽ تي پنھنجي پيغام ۾ ريٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو ۽ لکيو ته مونکي وائيٽ جرسي پائيندي 14 سالن جو عرصو گذري چڪو آھي. ڪوھلي پنھنجي انسٽاگرام پوسٽ ۾ لکيو ته ٽيسٽ فارميٽ تان ريٽائرمينٽ وٺڻ آسان ناهي ھوندو پر مونکي ھي ٽائم صحيح لڳو. ڀارتي ٽيسٽ جي ڪپتان روھت شرما طرفان راند جي ڊگھي ترين فارمينٽ تان ريٽائرمينٽ جي تصديق بعد، ويرات به پنھنجي ٽيسٽ ڪرڪيٽ تان ريٽائرمينٽ جو اعلان بورڊ آف ڪنٽرول فار ڪرڪيٽ ان انڊيا (بي سي سي آءِ) کي آگاھه ڪري ڇڏيو، جنھن سبب ڪرڪيٽ جي ميدان ۾ صدمي جي لھر ڇائنجي وئي. ويرات ڪوھلي لکيو ته مان ڪڏھن سوچيو به نه ھو ته اھو فارمينٽ مونکي ڪھڙي سفر تي کڻي ويندو. ان فارمينٽ مونکي آزمايو، مونکي سڃاڻپ ڏني ۽ مونکي سبق سکاريو جنھن کي مان سڄي زندگي نه وساري سگھندس. ويرات ڪوھلي چيو ته ”مان دل سان وڃي رھيو آھيان. 36 ورھين جي ڀارتي بيٽسمين پنهنجي چاھيندڙن طرفان کيس شاندار ڪيرئير تي مبارڪباد پيش ڪئي. اڳوڻي ڀارتي ڪپتان ۽ مشھور بيٽسمين ويرات ڪوھلي 123 ٽيسٽ ميچن جي 210 سننگز ۾ 46.85 جي ايوريج سان 9230 رنسون ٺاھيون جن ۾ 30 سينچريون ۽ 31 ففٽيون شامل آھن. ھن 7 ڊبل سينچريون به اسڪور ڪيون ۽ ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ سندس ڪيريئر جو بيسٽ اسڪور 254 رنسون آھن.