واشنگٽن – 12 مئي (اي پي پي) آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو روس – يوڪرين جنگ جي خاتمي بابت ڳالهين لاءِ 14 مئي کان ترڪيه ۾ ٿيندڙ نيٽو جي پرڏيهي وزيرن جي 3 ڏينهن واري غير رسمي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق آمريڪي پرڏيهي کاتي جي بيان جي حوالي سان ٻڌايو ته روس – يوڪرين جنگ جي خاتمي بابت ڳالهين لاءِ نيٽو جي پرڏيهي وزيرن جو غير رسمي اجلاس 14 کان 16 مئي تائين ترڪيه ۾ ٿيندو جنهن ۾ آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو به شرڪت ڪندو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته مارڪو روبيو هلندڙ سال جون ۾ نيڌرلينڊ جي شهر دي هيگ ۾ ٿيندڙ نيٽو جي سربراهي اجلاس کي نظر ۾ رکندي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ان ايجنڊا کي اڳتي وڌائيندو ته اتحادي نيٽو کي مضبوط ۽ وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ لاءِ ڪردار ڪيو وڃي.