ڄمون -12 مئي (اي پي پي) ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ قابض اختيارين تازي پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ کان پوءِ بگلهيار ڊيم ۽ سلال ڊيم جا گيٽ کولي ڇڏيا آهن، جنهن سان چناب درياهه ۾ پاڻي جي وهڪري ۾ اضافو ٿيو آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڀارتي اختيارين جو چوڻ آهي ته اها ڪارروائي ان وقت ڪئي وئي جڏهن ڏينهن جي وقت ٿيل برساتن سبب ٻئي ڊيم پاڻي سان ڀرجي ويا هئا. چناب درياهه اکنور مان گذرندي پاڪستان ۾ داخل ٿيندو آهي، ڀارت 22 اپريل تي پهلگام واقعي کان پوءِ هڪ طرفي طور سنڌ طاس معاهدي کي ختم ڪري ڇڏيو هو. اڃا تائين اهو واضح ناهي ته پاڪستان ۾ پاڻي جي وهڪري کي 22 اپريل کان پهرين جي سطح تي آندو ويو آهي يا نه. ڀارت ۽ پاڪستان وچ ۾ جنگ بندي سان سنڌ طاس معاهدي تي نئين دهلي جي موقف ۾ ڇا ڪا تبديلي آئي آهي، اهو ايندڙ ڏينهن ۾ واضح ٿي ويندو