لنڊن – 12 مئي (اي پي پي) انگلينڊ اينڊ ويلز ڪرڪيٽ بورڊ جي پڌرائي مطابق ويسٽ انڊيز جي قومي ڪرڪيٽ ٽيم هلندڙ مهيني انگلينڊ جو دورو ڪندي ۽ ميزبان ٽيم خلاف 3 ون ڊي ۽ 3 ٽي – ٽوئنٽي عالمي ميچن جي سيريز کيڏندي. انگلينڊ ۽ ويسٽ انڊيز جي ٽيمن وچ ۾ 3 ون ڊي ڪرڪيٽ ميچن جي سيريز جي شروعات 29 مئي کان پهرين ميچ سان ٿيندي، اها ميچ برمنگهم ۾ کيڏي ويندي، ٻي ميچ پهرين جون جڏهن ته ٽئين ۽ آخري ون ڊي ميچ 3 جون تي کيڏي ويندي. ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز جي پهرين ۽ ٽئين ميچ ڊي اينڊ نائٽ هونديون ۽ فلڊ لائٽس ۾ کيڏيون وينديون جڏهن ته سيريز جي ٻي ميچ ڏينهن جو هوندي. ون ڊي سيريز مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ويسٽ انڊيز جي ٽيم جيسٽرلي اسٽريٽ پهچندي جتي اها ميزبان انگلينڊ خلاف 03 ٽي – ٽوئنٽي ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ 6 جون تي کيڏندي۽ اها ميچ چيسٽرلي اسٽريٽ ۾ کيڏي ويندي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽي – ٽوئنٽي سيريز جي ٻي ميچ 8 جون جڏهن ته ٽئين ۽ آخري ميچ 10 جون تي کيڏي ويندي.