سيئول – 12 مئي (اي پي پي) ڏکڻ ڪوريا ۾ 3 جون تي ٿيندڙ صدارتي چونڊ لاءِ اميدوارن باضابظا طور چونڊ مھم شروع ڪري ڇڏي آھي. پرڏيھي ميڊيا مطابق ڏکڻ ڪوريا جا ووٽر ملڪ ۾ نئين صدر جي چونڊ لاءِ 3 جون تي پنھنجي راءِ جو حق استعمال ڪندا، ان سلسلي ۾ رجسٽرڊ 6 صدارتي اميدوار سڄي ملڪ ۾ پنھنجي چونڊ مھم ھلائيندا. پرڏيهي ميڊيا مطابق مخالف گروپ جي ڊيمو ڪريٽڪ پارٽي جي صدارتي اميدوار لي جي ميونگ باضابطا طور پنھنجي چونڊ مھم شروع ڪري ڇڏي آھي. ان موقعي تي لي جي ميونگ پنھنجي حامين سان چونڊ ۾ ڪاميابي جي صورت ۾ پنھنجي واعدن کي پورو ڪرڻ جو عھد ڪيو آهي. ملڪ جي قدامت پسند پيپلز پاور پارٽي (پي پي پي) اڳوڻي وزير کي باضابطا طور صدارتي اميدوار مقرر ڪيو آھي. ھن ڏکڻ ڪوريا جي گادي واري شھر سيئول جي مقامي مارڪيٽ مان پنھنجي چونڊ مھم شروع ڪئي