راولپنڊي – 11 – مئي (اي پي پي) پاڪستان جي هٿياربند فوج جي ترجمان ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته ڀارتي جارحيت تي پاڪستان جي هٿياربند فوج جي شروع ڪيل آپريشن بُنيان مرصوص ۾ فتح تي الله تعاليٰ جا شڪرگذار آهيون، پاڪستان نه، ڀارت جنگبندي جي خواهش ڪئي، پاڪستاني فوج وٽ اهڙيون ڪيتريون ئي جنگي صلاحيتون موجود آهن، جن ۾ ڪجهه جو استعمال محدود سطح تي ڪيو ويو، ڪيتريون ئي صلاحيتون اڳتي جي لاءِ محفوظ رکيون ويون آهن، ڪنهن کي به ڪو شڪ نه هجڻ گهرجي ته جڏهن اسان جي خودمختياري يا سرحدن جي خلاف ورزي ڪئي وئي ته اسان جو ردعمل جامع ۽ فيصلائتو هوندو، هن تڪرار هڪ ڀيرو ٻيهر ڪشمير مسئلي کي فليش پوائنٽ بڻائي ڇڏيو آهي جيڪو ڪشميري عوام جي امنگن موجب حل ٿيڻ گهرجي، هٿياربند فوج پاڪستان جي خلاف استعمال ٿيندڙ ڀارت جي 26 اهم ملٽري ٽارگيٽس کي نشانو بڻايو، دشمن جيترو موت کان ڊڄي ٿو ان کان وڌيڪ اسان جا جوان شهادت سان محبت رکن ٿا، پاڪ فضائيه بُجهه ۽ آدم پوره جي ايس 400 ايئر ڊفينس سسٽم، اُڙي ۾ فيلڊ سپلاءِ ڊيپو، پونجهه ۾ ريڊار سسٽم جهڙن لاجسٽڪ ۽ سپورٽ مرڪزن کي پڻ نشانو بڻايو، ڪي جي ٽاپ، نشهره ۾ موجود 10 برگيڊ ۽ 80 برگيڊ جي ڪمانڊ ٺڪاڻن کي پڻ تباهه ڪيو ويو، هي اهي ٺڪاڻا آهن جتان اشتعال انگيز فائرنگ ڪري معصوم شهرين کي نشانو بڻايو ويو، اسان جي تحويل ۾ ڪو به ڀارتي پائليٽ نه آهي، اها فيڪ نيوز آهي. هو پاڪ فضائيه ۽ پاڪ بحريه جي سينيئر آفيسرن سان گڏ آءِ ايس پي آر ۾ قومي ۽ عالمي ميڊيا کي بريفنگ ڏئي رهيو هو. ڊي جي آءِ ايس پي آر لفيٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته 6 ۽ 7 مئي تي ڀارتي جارحيت جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت درجنين شهادتون ٿيون، اسان جون دليون ۽ همدرديون شهيدن جي گهرڀاتين سان گڏ آهن، ملڪ جي دفاع ۾ پنهنجي جان جا نذرانا پيش ڪندڙ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته ڀارتي جارحيت جي نتيجي ۾ آپريشن بُنيان مرصوص شروع ڪيو ۽ پاڪستان جي هٿياربند فوج قوم سان ڪيل واعدو نڀايو جنهن تي اسان الله تعاليٰ جا شڪرگذار آهيون. پاڪستاني فوج پنهنجي غيرتمند ۽ بهادر قوم جا ٿورا ادا ڪري ٿي جڏهن ته هٿياربند فوج جي هر آفيسر، سپاهي، ايئرمين ۽ سيلر جا انتهائي ٿورائتا آهيون جن پنهنجي جرئت، پيشيواراڻي مهارت ۽ قرباني سان جنگ جي ميدان ۾ ڪاميابي کي ممڪن بڻايو. هن چيو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج، پوري قوم خاص طور تي نوجوانن جي جذبي، حوصلي ۽ ڀرپور حمايت تي دل جي گهراين سان شڪرگذار آهيون، جن مشڪل ترين وقت ۾ اسان جي حوصلي کي وڌايو، پاڪستان جي انهن نوجوانن جا به مقروض آهيون جيڪي سائبر ۽ انفارميشن جي محاذ تي پهرين صف جا سپاهي بڻيا، پاڪستان جي متحرڪ ۽ بهادر ميڊيا جا به ٿورائتا آهيون جنهن ڀارت جي پروپئگنڊه ۽ جنگي جنون جي خلاف آپريشن بُنيان مرصوص يعنيٰ شيهي جي ديوار وانگر بيٺل رهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته اسان بنا ڪنهن فرق جي سمورين سياسي پارٽين جي قيادت جا پڻ ٿورائتا آهيون جن سياسي اختلافن کان مٿانهون ٿي ملڪ جي دفاع ۾ متحد ٿي پاڪ فوج سان گڏ بيهڻ جو بهترين مظاهرو ڪيو، هٿياربند فوج خاص طور تي پاڪستان جي وزيراعظم ۽ سندس ڪابينا جي قائداڻي صلاحيتن ۽ جرئتمند فيصلن جي پڻ قدر ڪريون ٿا، جن ملڪ کي هن نازڪ موڙ تي صحيح رخ ۾ رهنمائي فراهم ڪئي. هن قوم کي آپريشن بُنيان مرصوص جي تفصيلن کان آگاهه ڪندي چيو ته هٿياربند فوج دشمن کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو جنهن ۾ ٽنهي فوجن جي مڪمل هم آهنگي سان صحيح وقت تي صورتحال جي آگاهي، نيٽ ورڪ سينٽرڪ وار فيئر ۽ ملٽي ڊومين آپريشنز جي مڪمل صلاحيت استعمال ۾ آندي وئي. زمين، فضا، سمنڊ ۽ سائبر اسپيس ۾ مڪمل هم آهنگي سان اهم هدفن کي تباهه ڪيو ويو ۽ پاڪستان جي خلاف استعمال ٿيندڙ ڀارت جي 26 اهم ملٽري ٽارگيٽس کي نشانو بڻايو ويو، اُهي ٺڪاڻا جيڪي پاڪستان ۾ دهشتگردي جي فروغ ۾ استعمال ٿين ٿا. هن چيو ته نشانو بڻائيندڙ جاين ۾ سورت ڳڙهه، بُجهه، آدم پوره، اونتي پوره، اودهم پور، ناليه، برنالا، ڀٽنڊه، الواڙا، سري نگر، ڄمون، مامون، امبالا ۽ پٺاڻ ڪوٽ شامل هئا، بياس ۽ نگروٽا ۾ موجود براهموس ميزائيل جا ذخيرا جيڪي پاڪستاني شهرين تي حملن ۾ استعمال ٿيا انهن کي تباهه ڪيو ويو. ڊي جي آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته ڀارت جي ايس 400 ڊفينس سسٽم کي پاڪ فضائيه بُجهه ۽ آدم پوره جاين تي نشانو بڻايو جڏهن ته اُڙي ۾ فيلڊ سپلاءِ ڊيپو ۽ پونجهه ۾ ريڊار سسٽم جهڙن لاجسٽڪ ۽ سپورٽ مرڪزن کي پڻ نشانو بڻايو ويو، ڪي جي ٽاپ، نشهره ۾موجود 10 برگيڊ ۽ 80 برگيڊ جي ڪمانڊ ٺڪاڻن کي پڻ تباهه ڪيو ويو، هي اهي ٺڪاڻا آهن جتان اشتعال انگيز فائرنگ ڪري معصوم شهرين کي نشانو بڻايو ويو. هن چيو ته راجوڙي ۽ نوشيره ۾ موجود ملٽري انٽيليجنس جا يونٽس ۽ انهن جا فيلڊ عنصر جيڪي پاڪستان ۾ دهشتگردي ۾ ملوث پراڪسيز کي سپورٽ ڏيندا هئا انهن کي به ختم ڪيو ويو جڏهن ته لائين آف ڪنٽرول جي ٻاهر اهي سمورا آرٽلري، لاجسٽڪ ۽ پوسٽون جيڪي آزاد ڪشمير ۾ شهرين تي فائرنگ ڪنديون هيون انهن تي شديد ۽ مسلسل جوابي ڪارروائي ڪئي وئي، ايستائين جو انهن اڇو جهنڊو ڦڙڪايو. سندس چوڻ هو ته ڀارت ڊرونز جي ذريعي پاڪستان جي فضائي حدن جي خلاف ورزي ڪئي ته جيئن عوام ۾ خوف ڦهلائي سگهجي ۽ انهن کي ڊيڄاري سگهجي، ان جي ردعمل ۾ آپريشن بُنيان مرصوص دوران پاڪستان جا هٿياربند ڊرون ڀارت جي گادي واري شهر نئين دهلي سميت وڏن شهرن ۽ والاريل ڪشمير کان وٺي گجرات تائين مسلسل اڏام ڪندا رهيا ته جيئن پاڪستان جي صلاحيت جو نه رڳو اظهار ڪري سگهجي پر اهو ٻڌائي سگهجي ته ان ڊرون جي ڊومينز جو موجوده وار فيئر ۾ ڪو فائدو نه آهي. هٿياربند فوج جي ترجمان چيو ته پاڪستان فوج ڀرپور سائبر حملا به ڪيا جنهن جي نتيجي ۾ انهن ڀارتي اهم مواصلاتي ۽ انفراسٽرڪچر نظام کي مفلوج ڪيو ويو جيڪو ڀارتي فوج استعمال ڪري رهي هئي. سندس چوڻ هو ته انهن قدمن جي باوجود آئون واضح ڪرڻ چاهيان ٿو ته ڀارت جي مسلسل اشتعال انگيزي جي مقابلي ۾ پاڪستان جو ردعمل انتهائي درست، متوازن ۽ محدود نوعيت جو رهيو، پاڪستان انتهائي مخصوص هدفن جي چونڊ ڪئي ته جيئن عام شهري متاثر نه ٿين. هن چيو ته اسان اهو واضح ڪرڻ چاهيون ٿا ته جڏهن اوڀرندي سرحد تي پاڪ فوج دفاع ۾ مصروف هئي ته خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ ڀارتي سرپرستي ۾ دهشتگردي ۾ غيرمعمولي اضافو ٿيو، جيڪو ان ڳالهه جو ناقابل ترديد ثبوت آهي ته ڀارت پاڪستان ۾ دهشتگردي کي پنهنجي پراڪسيز جي ذريعي فروغ ڏئي رهيو آهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته جيڪڏهن توهان کي ياد هجي ته هٿياربند فوج توهان سان 3 شين جو واعدو ڪيو هو، اسان توهان کي ٻڌايو هو ته اسان ڀارتي جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين، پر اهو جواب اسان جي مرضي جي وقت، جڳهه ۽ اسان جي طريقيڪار موجب هوندو. اسان قوم کي چيو هو ته جڏهن اسان ڀارت کي نشانو بڻائينداسين ته سڄي دنيا کي خبر پئجي ويندي ۽ اسان توهان کي اهو به چيو هو ته جيترو توهان کي موت کان ڊپ لڳي ٿو ان کان وڌيڪ اسان جي هٿياربند فوج شهادت سان محبت ڪري ٿي. ڊي جي آءِ ايس پي آر پاڪستاني حملن جا انٽرنيشنل ۽ ڀارتي ميڊيا تي ڪوريج جا ڪلپس ڏيکاريا ۽ چيو ته پوري دنيا ڏٺو ۽ رپورٽ ڪيو، اسان اهو ئي واعدو ڪيو هو جيڪو پورو ڪيو. هن ڀارتي دفاع واري وزارت جي نمائندن جو وڊيو ڪلپ ڏيکاريو جنهن ۾ اهي پاڪستاني فوج جي حملن جا تفصيل ٻڌائي رهيا هئا، پوءِ انهن چيو ته پاڪستان رڳو ڀارتي عسڪري هدفن کي نشانو بڻايو. سندس چوڻ هو ته انٽرنيشنل ۽ ڀارتي ميڊيا رپورٽ ڪري رهي آهي ته ڀارت ۾ رڳو عسڪري هدفن کي نشانو بڻايو ويو، اسان توهان کي چيو هو ته اسان عام شهرين کي نشانو نه بڻائينداسين، اسان جو مذهب، اسان جي ثقافت ۽ اسان جي هٿياربند فوج جو پروفيشنل ازم ان ڳالهه جي اجازت نه ٿو ڏي ته شهرين کي نشانو بڻايو وڃي. پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته پوءِ توهان ڏٺو ته ڪنهن پٺتي هٽڻ جي ڳالهه ڪئي. ڊي جي آءِ ايس پي آر هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته آئون واضح طور تي چوڻ چاهيان ٿو ته اسان جي تحويل ۾ ڪو به ڀارتي پائليٽ نه آهي، اهي سوشل ميڊيا تي هلندڙ ڳالهيون ۽ مختلف ذريعن کان ايندڙ فيڪ نيوز يا پروپئگنڊه آهي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان ڪڏهن به سيز فائر جي ڪا درخواست نه ڪئي، حقيقت اها آهي ته 6 ۽ 7 مئي جي رات ڀارت پاران درخواست ڪئي وئي جڏهن ته پاڪستان واضح جواب ڏنو ته اسان رڳو انهي صورت ۾ ڳالهه ٻولهه تي راضي ٿينداسين جڏهن اسان پنهنجو جواب ڏينداسين، 10 مئي تي اسان جو جواب تاريخي هو جنهن ۾ ڪنهن به شهري آبادي کي نشانو نه بڻايو ويو، اسان جي جوابي ڪارروائي کانپوءِ ڀارت جنگبندي جي درخواست ڪئي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ان تڪرار هڪ ڀيرو ٻيهر ڪشمير مسئلي کي فليش پوائنٽ بڻائي ڇڏيو آهي جيڪو ڪشميري عوام جي امنگن موجب حل ٿيڻ گهرجي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته حقيقت اها آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت جهڙين 2 ائٽمي طاقتن جي وچ ۾ جنگ جي ڪا گنجائش نه آهي ڇو ته اهو ٻنهي جي لاءِ تباهي جي برابر آهي، انهي لاءِ پاڪستان ان تڪرار ۾ تمام گهڻو ذميواري جو مظاهرو ڪيو آهي ۽ ان ڳالهه کي به يقيني بڻايو آهي ته اولهندي سرحد تي مقرر فوج، جيڪا دهشتگردي کي منهن ڏئي رهي آهي، ان تي اثر نه پوي. جنگبندي جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري جو چوڻ هو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج ايل او سي تي جنگبندي جي پاسداري ڪري رهي آهي، اسان جي فوج پاران جنگبندي جي ڪا خلاف ورزي نه پئي ڪئي وڃي، ڇو ته اسان هڪ پيشيور فوج آهيون ۽ پنهنجي معاهدن جي سختي سان پاسداري ڪريون ٿا. هن چيو ته پاڪستان ۾ ته عوام امن ٿيڻ تي خوشيون ملهائي رهي آهي، پر جيڪڏهن ڪا جارحيت ٿئي ٿي ته اسان ان جو جواب ضرور ڏينداسين. وائيس ايڊمرل رب نواز آپريشن بنيان مرصوص جي حصي جي طور تي نيوي آپريشنز جا تفصيل ٻڌائيندي چيو ته الله رب العزت جي فضل ۽ ڪرم سان اسان پنهنجي سامونڊي محاذ تي پنهنجي وطن جو دفاع ڪرڻ ۽ دشمن کي پري رکڻ ۾ ڪامياب رهياسين جيڪو انگ اکر ۾ اسان کان تمام وڏو هو. هن چيو ته اسان سدائين تيار رهندا آهيون، اسان جي لاءِ امن کان جنگ جي پوزيشن ۾ اچڻ ڪا به اهم ڳالهه نه آهي، والاريل ڪشمير ۾ فالس فليگ آپريشن جي فوري پوءِ اسان جي بحريه ڪجهه ئي ڪلاڪن ۾ حالت جنگ ۾ اچي چڪي هئي ۽ اسان سامونڊي محاذ تي ڪنهن به جارحيت جو ڀرپور جواب ڏيڻ جي لاءِ بلڪل تيار هئاسين. سندس چوڻ هو ته اسان سمنڊ ۾ ٿيندڙ سمورين سرگرمين تي پوري طرح نظر رکي هئي، اسان ڀارتي ايئر ڪرافٽ ڪيريئر آءِ اين ايس وڪرانت تي پڻ مسلسل نظر رکي هئي ۽ پاڪ فضائيه سان مستقل رابطي ۾ هئاسين. هن چيو ته سمنڊ سان گڏوگڏ اسان فضا ۾ به ڀارتي سرگرمين تي پوري نظر رکي هئي، اسان پنهنجي سمنڊ ۽ پنهنجي بندرگاهن جي حفاظت جي لاءِ به پوري طرح تيار هئاسين ۽ پاڪ نيوي سامونڊي واپار کي يقيني بڻايو، اسان جون بندرگاهون ان سموري صورتحال ۾ کليل ۽ فعال رهيون. ڊپٽي چيف آف ايئر آپريشنز وائيس ايئر مارشل اورنگزيب احمد آپريشن بُنيان مرصوص جا تفصيل ٻڌائيندي چيو ته ڀارت پاران ايندڙ سمورن ڊرونز ۽ ايس يو ويز جي اڳ ۾ ئي نشاندهي ڪئي وئي هئي ۽ انهن کي ناڪاره بڻايو ويو يا تباهه ڪيو ويو، پاڪ فضائيه اهم ڀارتي ٺڪاڻا تباهه ڪيا ۽ حملي آور جهاز ڪيرايا. هن چيو ته پاڪ فضائيه کي ڀارت تي 0 – 6 سان ڪاميابي ملي، ڀارت براهموس ميزائيلن سان به حملو ڪيو پر اسان فني طور تي انهن کي ناڪاره بڻايو ۽ پنهنجي هدفن تان انهن جو رخ تبديل ٿي ويو. سندس چوڻ هو ته ڀارت پنهنجي ميزائيلن جي ذريعي نه رڳو افغانستان پر پنهنجي ئي علائقي امرتسر کي پڻ نشانو بڻايو. ايئر وائيس مارشل اورنگزيب احمد چيو ته اسان فضا ۾ رافيل جهازن کي خاص اهميت ڏئي رهيا هئاسين ۽ ان کانپوءِ زمين تي ايس 400 سسٽم تي اسان جو خاص ڌيان هو ۽ ان سسٽم کي آدم پور ۾ احتياط سان نشانو بڻايو ويو.