اسلام آباد-11 مئي (اي پي پي) مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي بابت وفاقي وزير سردار محمد يوسف، سعودي حڪومت جي ڪاوشن کي اجاگر ڪندي يقين ڏياريو آهي ته سعودي حڪومت جي جامع انتظامن عيوض هلندڙ سال حج گذريل سالن جي ڀيٽ ۾ مثالي هوندو. آچر ڏينهن ريڊيو پاڪستان سان ڳالهائيندي وفاقي وزير سعودي حڪومت جي حج انتظامن کي ساراهيندي انهن کي بهترين ۽ مثالي قرار ڏنو. هن حج پانڌيئڙن جي آرام ۽ حفاظت کي يقيني بڻائڻ لاءِ جامع قدمن تي روشني وڌي جيڪي بنا ڪنهن رڪاوٽ جي حج ڪندڙن لاءِ سعودي حڪومت جي عزم کي ظاهر ڪن ٿا. هن چيو ته پاڪستاني مشن طرفان حج پانڌيئڙن لاءِ غير معمولي انتظام ڪيا ويا آهن. هن وڌيڪ چيو منيٰ جا سمورا ڪئمپ ايئر ڪنڊيشنڊ آهن جيڪي صوفا، بسترن سان آرام ده ماحول ۽ سامان رکڻ لاءِ به ڪافي جاءِ مهيا ڪن ٿا. وفاقي وزير چيو ته مديني شريف جي علائقي مرڪزيه ۾ مسجد نبوي صلي الله واله وسلم کان ويجهو تمام ويجهو حج پانڌيئڙن لاءِ رهائش جو انتظام ڪيو ويو آهي. هن حج مشن جي پوري ٽيم جي محنت جي تعريف ڪئي ۽ انهن تي زور ڀريو ته هو حج پانڌيئڙن کي بهترين سهولتون فراهم ڪن. وفاقي وزير پاڪستاني حج پانڌيئڙن لاءِ بهترين انتظامن کي يقيني بڻائڻ ۾ مسلسل سهڪار تي سعودي اختيارين جو شڪريو ادا ڪيو. هن حج پانڌيئڙن کي مشورو ڏنو ته حج فرضن جي محفوظ ادائيگي لاءِ سعودي حڪومت طرفان جاري ڪيل قانون، ضوابطن ۽ هدايتن تي سختي سان عمل ڪن. وفاقي وزير حج پانڌيئڙن تي زور ڀريو ته پاڪستان جي امن، ترقي ۽ خوشحالي، مسلمان امت جي اتحاد ۽ غزه جي مظلوم مسلمانن ۽ غير قانوني ڀارتي جي والاريل ڄمون ڪشمير جي ڀيڻن ۽ ڀائرن لاءِ دعا ڪن. حج فلائٽ آپريشنز جي حوالي سان هن ٻڌايو ته پهرين مرحلي ۾ پاڪستاني حج پانڌيئڙن کي مديني شريف پهچايو پيو وڃي جڏهن ته باقي رهيل حج پانڌيئڙن کي سڌي ريت مڪي شريف پهچايو ويندو. سردار محمد يوسف حج مشن ٽيم جي ڪوششن کي ساراهيندي، الله جي مهمانن کي غير معمولي خدمتون فراهم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ به ڪيو.