اسلام آباد-11 مئي (اي پي پي)پاڪستاني جبل چاڙهو ساجد علي سد پاره بنا ڪنهن آڪسيجن جي دنيا جي ستين بلند ترين چوٽي ڌولاگيري جبل (8167 ميٽر) کي ڪاميابي سان سر ڪري ورتو. الپائن ڪلب آف پاڪستان جي سيڪريٽري ڪرار حيدري موجب اها غير معمولي ڪاميابي سيون سمٽ ٽريڪس نيپال ۽ سبروسو پاڪستان جي تعاون سان ممڪن ٿي. هن چيو ته هي پاڪستان ۽ عالمي جبل چاڙهو برادري لاءِ هڪ فخر جوڳو ۽ تاريخي لمحو آهي.