لاهور -11 مئي (اي پي پي) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز شريف، عظيم ڪاميابي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف جي شڪراني وارو ڏهاڙو ملهائڻ واري فيصلي جي آجيان ڪئي آهي، الله تعاليٰ جا شڪر گزار آهيون جو دشمن جي ناپاڪ ارادن کي مٽي ۾ ملائي ڇڏيو. آچر ڏينهن جاري ڪيل پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته اڄ جو ڏينهن صرف شڪراني جو نه پر غيرت، جريت ۽ قومي وحدت جي فتح جو ڏينهن آهي، عظيم ڪاميابي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف جي شڪراني وارو ڏهاڙو ملهائڻ جي فيصلي جي آجيان ڪريون ٿا. مريم نواز چيو ته پاڪ فوج بهادر، پروفيشنل ۽ باصلاحيت ادارو آهي، پاڪ فوج، ڀارتي جارحيت جو جواب صرف گولي سان نه پر حڪمت سان ڏنو. الله تعاليٰ جا شڪرگزار آهيون جو پاڪ فوج، دشمن جي ناپاڪ ارادن کي مٽي ۾ ملائي ڇڏيو ۽ شاهينن، دشمن جا جهاز ڪرائي دنيا کي پيغام ڏنو ته پاڪستان جو دفاع اڻمٽ آهي. هن چيو ته دنيا، ڄاڻي ورتو ته پاڪستان پنهنجي دفاع ۾ هڪ قدم پهتي نه هٽندو، انهن جوانن کي سليوٽ جنهن دشمن جي اکين ۾ اکيون وجهي ٻڌايو ته پاڪستان پرامن آهي ڪمزور يا بزدل ناهي، هن چيو ته شهيدن جي قربانين کي رائيگان نه وڃڻ ڏينداسين.