پشاور-11 مئي (اي پي پي)وزيراعظم محمد شهباز شريف جي اعلان موجب ڪالهه سڄي ملڪ ۾ شڪراني جو ڏهاڙو ملهايو ويو جنهن جو مقصد الله رب العزت جي حضور ۾ سجدو ڪري شڪر ادا ڪرڻ ۽ پاڪ فوج جي عظيم قربانين ۽ شجاعت کي خراج تحسين پيش ڪرڻ ۽ پوري قوم جي اتحاد، حوصلي ۽ جذبي کي ساراهڻ آهي. ان موقعي تي گلگت بلتستان واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام پاڪستان مسلم ليگ (ن) خيبرپختونخوا جي سڀني ضلعي تنظيمن کي هدايت ڪئي ته اهي پنهنجن لاڳاپيل ضلعن ۾ شڪرانو وارو ڏهاڙو ملهائڻ جي سلسلي ۾ ريلين ۽ تقريبن جو بندوبست ڪن. اجتماعي دعائن ۽ نفلن جو اهتمام ڪيو وڃي، جن ۾ شهيدن ۽ غازين لاءِ خاص دعائون گهريون وڃن. تقريب ۾ عوام، ڪارڪن، عالم سڳورن ۽ سول سوسائٽي کي شامل ڪيو وڃي، پاڪ فوج جي عظيم قرباني کي اجاگر ڪندي تحريڪي جوش ۽ جذبي سان دشمن جي اڳرائي خلاف قومي وحدت جو پيغام ڏين.