اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چين جي پرڏيهي وزير وانگ يي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ ڀارتي جارحيت کانپوءِ خطي ۾ بدلجندڙ صورتحال ۽ پاڪستان جي احتياط کان ڪم وٺندي موثر جوابي قدمن کان آگاهه ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ڳالهه ٻولهه دوران چيني پرڏيهي وزير وانگ يي کي گذريل رات ڀارت جي جارحيت کانپوءِ خطي ۾ بدلجندڙ صورتحال ۽ پاڪستان جي موثر جوابي قدمن کان آگاهه ڪيو. پرڏيهي وزير وانگ يي پاڪستان جي تحمل ۽ مشڪل حالتن ۾ ذميواراڻي رويي کي ساراهيو. هن ان ڳالهه جي تصديق ڪئي ته چين بطور پاڪستان جو مضبوط اسٽريٽجڪ تعاون جو ساٿي ۽ مضبوط دوست، پاڪستان جي خودمختياري، علائقائي سالميت ۽ قومي آزادي کي برقرار رکڻ ۾ سدائين وانگر پاڪستان سان گڏ بيٺل رهندو. ٻنهي اڳواڻن ويجهي رابطي جي اهميت تي زور ڏنو ۽ ايندڙ ڏينهن ۾ مسلسل هم آهنگي برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو.