اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڀارت فوري جنگبندي تي اتفاق ڪيو آهي. ان ڳالهه جو اعلان نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار سماجي رابطي جي پليٽ فارم ”ايڪس“ تي پنهنجي پوسٽ ۾ ڪيو. هن چيو ته پاڪستان سدائين خطي ۾ امن ۽ سلامتي جي لاءِ ڪوشش ڪئي آهي، پاڪستان امن جي ڪوششن ۾ پنهنجي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت تي ڪڏهن به ٺاهه نه ڪيو. ٻئي طرف آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ چيو ته آمريڪا جي ثالثي ۾ سڄي رات ڳالهه ٻولهه کانپوءِ مون کي اهو اعلان ڪندي خوشي محسوس ٿي رهي آهي ته ڀارت ۽ پاڪستان مڪمل ۽ فوري جنگبندي تي اتفاق ڪيو آهي. هن چيو ته دانشمندي ۽ انتهائي ڏاهپ جو مظاهرو ڪرڻ تي ٻنهي ملڪن کي مبارڪباد ڏيان ٿو ۽ ان معاملي تي ڌيان ڏيڻ تي انهن جو ٿورائتو آهيان. ان کان اڳ آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو پڻ ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ چيو ته هن ۽ آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس سينيئر ڀارتي ۽ پاڪستاني عملدارن بشمول وزيراعظمن نريندر مودي ۽ شهباز شريف، پرڏيهي وزير سبرامنيم جي شنڪر، پاڪستان جي چيف آف آرمي اسٽاف جنرل عاصم منير ۽ قومي سلامتي جي صلاحڪارن عاصم ملڪ ۽ اجيت ڊوول سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. مارڪو روبيو چيو ته مون کي اهو اعلان ڪندي خوشي ٿي رهي آهي ته ڀارت ۽ پاڪستان جي حڪومتن فوري جنگبندي ۽ هڪ غيرجانبداراڻي جڳهه تي وسيع تر مسئلن تي ڳالهه ٻولهه شروع ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي.