راولپنڊي-10 مئي (اي پي پي) پاڪستان جي هٿياربند فوج طرفان جاري آپريشن بنيان المرصوص تحت دشمن ڀارت کي ڀرپور جوابي ڪارروائي کي منهن ڏيڻو پيو، جنهن ۾ روايتي محاذ کان وٺي سائبر محاذ تائين پاڪستان هر ميدان ۾ دشمن کي زبردست نقصان پهچايو آهي. سيڪيورٽي ذريعن موجب پاڪستان جي سائبر اٽيڪ ٽيم ڀارتي انفارميشن نيٽ ورڪ کي لوڏي ڇڏيو. بي جي پي جي آفيشل ويب سائيٽ، ڪرائم ريسرچ انويسٽيگيشن ايجنسي، هندستان ايروناٽڪس لميٽيڊ، بارڊر سيڪيورٽي فورسز، آل انڊيا نيول ٽيڪنيڪل اسٽاف ايسوسيئيشن ۽ يونيڪ آڊيٽيفڪيشن اٿارٽي سميت درجنين اهم ويب سائيٽس هيڪ ڪيون ويون. پاڪستاني سائبر ماهرن مهاراشٽر اسٽيٽ اليڪٽر سٽي ٽرانسميشن ڪمپني کي هيڪ ڪري پوري علائقي جي بجلي بند ڪري ڇڏي، جڏهن ته سمورن ڪمرشل ۽ گهريلو ميٽرن جي ڊيٽا ختم ڪئي وئي. وڌيڪ ڀارتي آسام رائفل، ڊپارٽمينٽ آف اٽامڪ انرجي ۽ انڊين ڊفينس پروڊڪشن جهڙين حساس ويب سائيٽس جي ڊيٽا ليڪ ڪري ڊارڪ ويب تي جاري ڪئي وئي، جتي ڀارت جي دهشتگردي جي ناقابل ترديد ثبوت به دنيا آڏو رکيا ويا. 2500 کان وڌيڪ ڀارتي سرويلنس ڪئميرا هيڪ ٿيڻ سان نه رڳو ڀارت جي داخلي سيڪيورٽي نظام جو پول پڌرو ٿيو پر ڀارتي انفارميشن ٽيڪنالاجي جون کوکليون دعوائون به بي نقاب ٿي ويون. آپريشن بنيان المرصوص ۾ پاڪستاني قوم ۽ پاڪ فوج جو شهادت جو جذبو، ٽيڪنالاجي تي دسترس ۽ دشمن کي هر محاذ تي شڪست ڏيڻ جو عزم پوري شدت سان نمايان ٿي رهيو آهي. فضا الله اڪبر جي نعرن سان گونجي رهي آهي ۽ دنيا ڏسي رهي آهي ته پاڪستان هر ميدان ۾ دشمن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿو.