راولپنڊي-10 مئي (اي پي پي) ڀارت جي جاري بزدلاڻين ڪاررواين دوران گذريل رات ڀارت شيخ زايد انٽرنيشنل ايئرپورٽ کي نشانو بڻايو، جنهن جي نتيجي ۾ ايئرپورٽ کي نقصان پهتو آهي. سيڪيورٽي ذريعن موجب هي ايئرپورٽ 1993ع ۾ تعمير ڪيو ويو هو ۽ ان کي عظيم عرب اڳواڻ شيخ زايد بن سلطان النهيان جي نالي سان منسوب ڪيو ويو هو. ڀارتي جارحيت جو اهو قدم نه رڳو عالمي قانونن جي خلاف ورزي آهي پر ٻن برادر اسلامي ملڪن پاڪستان ۽ متحده عرب امارات جي دوستاڻن لاڳاپن تي به حملو آهي. ڀارت گذريل ڏينهن ننڪاڻه صاحب جهڙي مقدس ماڳ کي به نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، جيڪا بروقت ڪارروائي سبب ناڪام بڻائي وئي، جنگي جنون ۾ ورتل ڀارت جي لڳاتار اهڙن شرمناڪ ۽ خطرناڪ قدمن سان خطي جي امن کي داءُ تي لڳايو پيو وڃي. آپريشن بنيان المرصوص تحت پاڪستاني دفاعي ادارن جي صورتحال تي ڪڙي نظر رکيل آهي.