اسلام آباد -10 مئي (اي پي پي) پاڪ فضائيه جي جي ايف 17 ٿنڊر جهازن هائپر سونڪ ميزائلن سان اڌم پور ۾ ڀارت جو ايئر ڊفينس سسٽم ايس 400 تباهه ڪري ڇڏيو آهي. ايس 400 سسٽم جي قيمت اٽڪل 1.5 ارب ڊالر آهي ۽ ايس 400 ايئر ڊفينس سسٽم ڀارت جي جديد ترين دفاعي اثاثن ۾ شامل هو. اهڙي طرح هڪ ٻئي وڏي حملي ۾ راجوڙي ۾ هڪ اهم ڀارتي ملٽري انٽيليجنس ٽريننگ سينٽر کي پڻ تباهه ڪيو ويو آهي، ڀارت جو اهو فوجي تربيتي مرڪز پاڪستان ۾ دهشتگردي وارين سرگرمين جي رٿابندي ۾ ملوث هو. ڀارت جي هڪ اهم فوجي اڏي سرسه ايئر فيلڊ کي پڻ نقصان پهچايو ويو آهي ۽ ڀارتي ميڊيا پڻ ان جي تصديق ڪئي آهي، جيڪا پاڪستان جي دعويٰ کي مڃڻ برابر آهي. هوڏانهن پاڪستاني ڊرونز کي ڀارتي وزيراعظم مودي جي اباڻي رياست گجرات ۾ پڻ اڏام ڪندي ڏٺو ويو آهي جنهن سان علائقي ۾ شديد ڳڻتي واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي.