اسلام آباد -10 مئي (اي پي پي)وزيراعظم جي ناڻي بابت صلاحڪار خرم شهزاد چيو آهي، ته پاڪستان هڪ ارب ڊالرن جي قسط جاري ڪرڻ لاءِ ڪاميابي سان عالمي مالياتي فنڊ جو جائزو مڪمل ڪري ورتو آهي ۽ آءِ ايم ايف جي بورڊ ريزيليئنس اينڊ سسٽين ايبيلٽي فيسلٽي (آر ايس ايف) تحت 1.3 ارب ڊالر جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. گذريل ڏينهن ايڪس تي جاري ڪيل پوسٽ ۾ هن چيو ته انتهائي ڏکي عالمي ۽ علائقائي صورتحال باوجود پاڪستان آءِ ايم ايف جو جائزو ڪاميابي سان مڪمل ڪندي 1.3 ارب ڊالرن جي آر ايس ايف سهولت لاءِ هڪ ارب ڊالرن جي قسط جاري ڪرڻ لاءِ بورڊ جي منظوري حاصل ڪري ورتي آهي. خرم شهزاد چيو ته اسان جي سڌارن واري ايجنڊا تي آءِ ايم ايف جو اعتماد وڌيو آهي ۽ قومي معيشت جو استحڪام اسان جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستان عزم ۽ ذميواري سان جاگرافيائي ۽ سياسي دٻاءَ کي رد ڪندي ميڪرو اڪنامڪ استحڪام تي ڌيان برقرار رکيو آهي.