راولپنڊي -10 مئي (اي پي پي) هٿياربند فوج جي ترجمان ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي، ته ڀارت پنهنجي ملڪ اندر ئي 6 بيلسٽڪ ميزائيل ڪيرايا آهن، هڪ ميزائيل آدم پور جڏهن ته پنج ميزائيل ڀارتي پنجاب واري علائقي امرتسر ۾ ڪيرايا آهن، ڀارت پنهنجي ملڪ ۾ سکن کي نشانو بڻائي رهيو آهي. هو جمعي ۽ ڇنڇر جي وچ واري رات هنگامي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته ڀارتي فوج طرفان آدم پور مان 6 بيلسٽڪ ميزائيل ڪيرايا ويا جن مان هڪ بيلسٽڪ ميزائيل آدم پور ۾ ئي جڏهن ته پنج ميزائيل امرتسر ۾ ڪيرايا ويا. ڀارت انڊين پنجاب ۾ سکن جي آبادي کي هدف بڻائي رهيو آهي، اسان جون سموريون همدرديون سکن سان آهن.