راولپنڊي -10 مئي (اي پي پي)ف ضائي ۽ زميني جنگ ۾ وڏي مار کائڻ کان پوءِ ڀارت هاڻي نيوي سان جارحيت جون ڪوڙيون خبرون ميڊيا تي هلرائڻ لڳو، پاڪستان جي فوج سان گذريل 72 ڪلاڪن کان فضا ۽ زمين تي مار کائڻ بعد ڀارت پرڏيهي ميڊيا ۾ ڪوڙ ڳالهائڻ لڳو. سيڪيورٽي ذريعن موجب هٿياربند ڀارتي ايئر ڪرافٽ ڪيريئر جي ڪراچي ڏانهن اڳڀرائي جي گمراهه ڪندڙ خبر ٽيليگراف ۾ هلرائي وئي. ڀارتي ايئر ڪرافٽ ڪيريئر انٽرنيشنل واٽر ۾ ان هي ئي هنڌ يا ان کان به ٿورو پوئتي آهي جتي هو 6 ۽ 7 مئي جي رات جو ڀارتي حملي وقت موجود هو. ڀارتي ايئر ڪرافٽ هاڻي به انهي جڳهه تي موجود آهي ۽ هن اڳتي اچڻ جا ڪا به اڳڀرائي ناهي ڪئي، ٽيليگراف آرٽيڪل ۾ ڄاڻي واڻي سنسني پکيڙڻ لاءِ اهو چيو ويو ته ڪراچي ايئرپورٽ هٿياربند ايئر ڪرافٽ ڪيريئر جي رينج ۾ آهي. اها دعويٰ انهي لاءِ نقصانڪار آهي ڇو ته اڄ ڪلهه جي جديد هٿيارن جي ڊگهي رينج سان ڪنهن به جاءِ تان دشمن ملڪ اندر ڪنهن به ٽارگيٽ کي نشانو بڻائي سگهجي ٿو. سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي، ته پاڪستان جي فوج دشمن جي هر چال ۽ مڪاري کان پوري ريت چوڪس آهي. پاڪستان جي فوج دشمن جي علائقي ۾ سمورن ٽارگيٽ کي اثرائتي طريقي سان پنهنجي مرضي وقت، جاءِ ۽ مناسب هٿيار سان تباهه ڪرڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿي، دشمن جي ڪنهن به جارحيت جو ڀرپور جواب پاڪ فوج ڏئي رهي آهي ۽ ڏيندي رهندي.