اسلام آباد-09 مئي (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته ڀارت پاڪستان خلاف اڳرائيءَ ذريعي خطي ۾ بالادستي چاهي ٿو پر ڀارت جي ارادن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو ويندو. ملڪ جو بچاءُ مضبوط هٿن ۾ آهي، پاڪستان جي ميڊيا بهترين ڪردار ادا ڪري ڀارتي پروپيگنڊا جو ڀرپور جواب ڏنو آهي. قومي اسيمبليءَ ۾ ڀارت جي جارحيت تي بحث ۾ حصو وٺندي ڊاڪٽر فضل چوڌري چيو ته ڀارت بزدلاڻو حملو ڪيو آهي جنهن جو کيس ڀرپور جواب ڏنو ويندو. قومي اتفاق ۽ اتحاد ساراهه جوڳو آهي. ٻنهي ايوانن ۾ پاڪستان جي سلامتي ۽ تحفظ جي ڳالهه ڪئي وئي. هي پيغام پوري دنيا کي ويو آهي ته پاڪستان ۽ پوري قوم متحد آهي ۽ قوم پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهي. هن چيو ته ڀارت جي پهرين حملي ۾ 3 رافيل جهازن سميت 5 جهاز تباهه ٿيا. رافيل جهاز پهريون ڀيرو ڪنهن جنگ ۾ تباهه ٿيا آهن هي اهڙا جهاز هئا جيڪي انتهائي مهانگا هئا، جي ايف 17 جڏهن آسمانن ۾ گرجيا ته 3 رافيل جهازن کي تباهه ڪري ڇڏيو ان تي هٿياربند فوج ۽ پاڪ فضائيه کي سلام آهي. هن چيو ته ڪالهه جي حملي ۾ 30 جاسوس جهاز موڪليا ويا جن کي حڪمت عمليءَ تحت ڪيرايو ويو، انهن جهازن کي جنهن مقصد لاءِ موڪليو ويو هو اهو پورو نه ٿي سگهيو. ٻن حملن ۾ ڀارت کي ناڪامي ٿي، ڀارت ان حملن ذريعي خطي ۾ بالادستي چاهي ٿو پر ڀارت جي ان عزمن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو ويندو. هن چيو ته پاڪستان جي ميڊيا بهترين ڪردار ادا ڪري ڀارتي پروپيگنڊا جو ڀرپور جواب ڏنو آهي. آءِ ايس پي آر پل پل قوم کي صورتحال کان آگاهه ڪيو ته اسان جا حوصلا بلند آهن. هن چيو ته عالمي برادري جي ذميداري آهي ته هو صحيح کي صحيح ۽ غلط کي غلط چون. پاڪستان ذميدار رياست طور پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي اسان انڊيا جي ٽريپ ۾ نه اينداسين، اسان پنهنجي شرطن تي اها جنگ ڪنداسين. پاڪستان جو بچاءُ مضبوط هٿن ۾ آهي، اسان جي هٿياربند فوج پيشيوراڻي فوج آهي ۽ پوري قوم کي فوج تي اعتماد آهي. هن چيو ته بچاءَ واري وزير چيو هو ته دهشتگرديءَ جي جنگ ۾ پاڪستان 90 هزار کان وڌيڪ جانين جي قرباني ڏني ۽ ان کان علاوه معاشي نقصان برداشت ڪيو. پاڪستان دهشتگرديءَ جو شڪار ملڪ آهي. هن چيو ته ڀارت کي هٿيارن ۾ عددي برتري ضرور حاصل آهي پر ايماني جذبو اسان وٽ آهي، اسان وٽ اهڙيون مائرون آهن جيڪي پُٽن جي شهادت تي چونديون آهن ته منهنجو ٻيو پُٽ به هن ملڪ لاءِ حاضر آهي، اسان وٽ اهڙا پيءُ هوندا آهن جيڪي شهيد پُٽن جي وردي فخر سان وصول ڪندا آهن جيستائين اهو جذبو آهي ان ملڪ کي ڪو به شڪست نٿو ڏئي سگهي.