اسلام آباد-09 مئي (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته پهلگام واقعي جي جاچ جي حوالي سان پاڪستان جي آڇ نه صرف دنيا پر گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل به ساراهه ڪئي. دوست ملڪن جا ٿورائتا آهيون جن هميشه وانگر ۽ فولادي ڀائرن وانگر اسان جو ساٿ ڏنو، رت جي هڪ هڪ ڦڙي جو حساب ورتو پيو وڃي ۽ ورتو ويندو. پاڪستان ڪنهن ٻئي ملڪ تي جارحاڻي حملي جو ارادو نه رکندو هو ۽ نه ئي رکي ٿو پر عالمي قانونن ۽ علائقائي روايتن تحت به اسان کي اهو اختيار آهي ته جڏهن ڪو ڇيڙيندو ته اسان گهر ۾ گهڙي مارينداسين. قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ ڀارت جي جاري جارحيت سبب پيدا ٿيل صورتحال تي بحث ۾ حصو وٺندي اعظم نذير تارڙ چيو ته هو ايوان جي هر ميمبر جو ٿورائتو آهي جن قومي سلامتيءَ جي حوالي سان مشڪل وقت ۾ هڪ زبان ٿي دشمن کي للڪاريو ۽ واضح پيغام ڏنو ته اسان سڀ هڪ آهيون، اسان پاڪستان آهيون ۽ هن ملڪ جو بچاءُ ڪرڻ ڄاڻون ٿا. هن چيو ته مشڪل جي گهڙيءَ ۾ قوم کي هڪ زبان ٿيڻ گهرجي، اها ڳالهه به ٿي ته سياسي ورڇ ختم ٿيڻ گهرجي، ماحول کي بهتر ڪريون، جيڪڏهن قومي يڪجهتي جي ڳالهه ٿي رهي آهي ته سياسي هم آهنگي جي ڳالهه پڻ ٿيڻ گهرجي. سياست جي ننڍڙي شاگرد جي حيثيت سان ان ڳالهه تي 100 سيڪڙو متفق آهيان ۽ مخالف ڌر جي بينچن تي ويٺل دوستن کي صرف اهو عرض ڪندس ته وزيراعظم فلور آف دي هائوس تي اها ڳالهه هاڻ به چئي ۽ ان وقت به چئي جڏهن مخالف ڌر جو اڳواڻ هو ته اچو گڏجي ويهي هن ملڪ جي معيشت کي ٺيڪ ڪريون، جيڪڏهن ميثاقِ جمهوريت سبب جمهوريت مضبوط ٿي ۽ ٻه اسيمبلين پنهنجي مُدت پوري ڪري ڇڏي ته اچو ميثاق معيشت ڪريون ته جيئن ملڪ جي معاشي ترقي جو ڦيٿو تيز ٿئي، اسان گڏجي اڳتي وڌڻ چاهيون ٿا، وزيراعظم اسپيڪر کي به آڇ ڪئي ته اوهان مخالف ڌر جي ميمبرن کي پنهنجي آفيس ۾ گهرايو ۽ جيڪي به شڪايتون آهن اهي ٻُڌون ٿا، سياست هڪٻئي کي گهلڻ جو نالو ناهي، سياست دليل ۽ منطق اسان هڪٻئي کي قائل ڪرڻ جو نالو آهي، سياسي مان ڳالهين کي ختم ڪيو وڃي ته سياست فسطائيت بڻجي وڃي ٿي، دنيا جي ان خطي ۾ سياست کي فسطائيت جي ويجهو آڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر ان ڪوشش کي صرف ۽ صرف سياستدان ئي ختم ڪري سگهن ٿا. سياستدان اجتماعي سوچ سان ادارن کي مضبوط ڪن ٿا ۽ ادارا جڏهن مضبوط هوندا آهن ته ملڪ به مضبوط هوندو آهي. وفاقي وزير چيو ته ايوان جي ميمبرن ڀارت کي مُنهن ٽوڙ جواب ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي آهي. قومي سلامتيءَ جي ڪميٽيءَ جي اجلاس ۾ ٿيل فيصلن جي باري ۾ پرڏيهي وزير ۽ نائب وزيراعظم ايوان کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. ڪميٽيءَ جي اجلاس ۾ ڪيتريون ئي ڳالهيون ٿيون پر ان جو نچوڙ هي آهي ته جنگ هميشه جوش ۽ جذبي سان گڏ حڪمت سان وڙهي وڃي ٿي. گذريل ڏينهن ڀارت هڪ فراڊ ڪوشش ذريعي پاڪستان کي تزويراتي طور ايڪسپوز ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، المحمدلله پاڪ فوج جرئت سان گڏوگڏ دانشمنديءَ جو مظاهرو ڪري ٿي ۽ ڀارت اسرائيل کان حاصل ڪيل ڊرونز سان حملو ڪيو جنهن ۾ صرف 4 پنهنجي هدفن جي ويجهو ڪِريا، سمورن ڊرونز کي اينٽي ايئر ڪرافٽ گنن سان ڪيرايو ويو. هن چيو ته قومي سلامتي ڪميٽي پاڪ فوج کي اهو اختيار ڏنو آهي ته هو ڪڏهن ڪيئن ۽ ڪٿي جنهن قدر فورس کي استعمال ڪرڻ چاهي ٿي ڪري سگهي ٿي، ان سان گڏوگڏ ان ايوان پنهنجي جوانن کي واضح پيغام ڏنو آهي ته پوري قوم اوهان سان گڏ بيٺل آهي، دشمن کي 3 راتيون اڳ جواب ڏنو ويو هو ان کان به وڌي چڙهي جواب ڏنو ويندو. وفاقي وزير چيو ته ڀارت اسان جي معصوم شهرين کي نشانو بنايو پر اسان جي هٿياربند فوج ان جي فوج کي نشانو بنايو، اهوئي سبب آهي جو هنن سفيد جهنڊا ڦڙڪائڻ شروع ڪيا، اسان جي جوانن معصوم شهرين جي شهادت جو بدلو انهن جي فوجين کي ٺوڪي ڏنو ۽ هي تعداد درجنين ۾ آهي، ان سان مودي کي به واضح پيغام پهچي ويو آهي. وفاقي وزير چيو ته جنگي حالت ۾ قومي تقاضا اها آهي ته اسان کي متحد ٿي نظر اچڻ گهرجي. پهلگام واقعي کانپوءِ پاڪستان سفارتي سطح تي پنهنجو ڪيس سٺي ۽ مؤثر انداز ۾ پيش ڪيو آهي. پاڪستان دنيا آڏو پنهنجو ڪيس رکيو ۽ وزيراعظم دنيا کي باور ڪرايو ته پاڪستان امن پسند ملڪ آهي ۽ دهشتگرديءَ جو شڪار ضرور آهي پر دهشتگرديءَ جا پيرا اسان سان نٿا ملن. ان حوالي سان پاڪستان پهلگام واقعي جي جاچ جي حوالي سان جيڪا آڇ ڪئي ان جي نه صرف دنيا پر گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل به ساراهه ڪئي. وفاقي وزير چيو ته مشڪل جي هن وقت ۾ اسان پنهنجي دوست ملڪن جا ٿورائتا آهيون جن هميشه وانگر فولادي ڀائرن طور اسان جو ساٿ ڏنو. چين، سعودي عرب، ترڪيه ۽ آذربائيجان کان وٺي نار تائين دنيا جي ملڪن به پاڪستان جي مؤقف جي حمايت ڪئي آهي ته اسان جا هٿ صاف آهن ۽ اسان جي دامن تي ڪوبه داغ ناهي. هن چيو ته گجرات جو ڪاسائي چوي ٿو ته دهشتگردي سرحد جي ٻئي پار کان ٿي رهي آهي ته اهو ان کان وڌيڪ ٻيو ڪو سفيد ڪوڙ نٿو ٿي سگهي. هن ڪاسائي سبب ڀارت جا ٽڪرا ٽڪرا ٿيندا، اهو به تاريخ جو حصو هوندو. هن چيو ته سچويشن رومز قائم آهن، پرڏيهي وزارت 24 ڪلاڪ ڪم ڪري رهي آهي، وزيراعظم آفيس 24 ڪلاڪ دستياب آهي، عسڪري ادارا به بهترين انداز ۾ ڪم ڪري رهيا آهن. قومي سلامتي ڪميٽي به باضابطه رابطن ۾ رهي ٿي. هن ايوان معرفت پاڪستان جي ان غيور عوام جو به شڪريو ادا ڪريان ٿو جيڪي جرئت ۽ بهادريءَ سان ڀارتي اڳرائيءَ خلاف بيٺل آهن، رت جي هڪ هڪ ڦڙي جو حساب ورتو پيو وڃي ۽ ورتو ويندو، پاڪستان ڪنهن ٻئي ملڪ تي حملي جو ارادو نه رکندو هو ۽ نه ئي رکي ٿو پر عالمي قانونن، علائقائي روايتن تحت اهو به اختيار آهي ته جڏهن ڪو ڇيڙي ته گهر ۾ گهڙي مارينداسين.