اسلام آباد-09 مئي (اي پي پي) پاڪستان ايئرپورٽس اٿارٽي جي ترجمان چيو آهي ته لاهور جي علامه اقبال انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي فلائيٽ آپريشن مختصر بندش کانپوءِ ٻيهر بحال ڪئي وئي آهي. پاڪستان ايئرپورٽس اٿارٽي جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته ملڪ جي ٻين ايئرپورٽس تي به فلائيٽ آپريشن معمول موجب جاري آهي. علامه اقبال انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي فلائيٽ آپريشن مختصر بندش کانپوءِ بحال ڪئي وئي آهي.