اسلام آباد-09 مئي (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير جنيد انوار چوڌري چيو آهي ته پاڪستان جون سموريون بندرگاهون بلڪل محفوظ آهن، پورٽس جي بندش بابت خبرون بي بنياد ۽ حقيقتن جي ابتڙ آهن. سامونڊي معاملن واري وزارت طرفان جاري بيان موجب وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي سمورين بندرگاهن تي معمول موجب شپنگ ۽ ڪارگو سروس جاري آهي.