اسلام آباد – 08 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته پاڪ فضائيه جي شاهينن دشمن جي رافيل جهاز ڪيرائي ڀارت جي غرور کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو، پوري قوم متحد آهي ۽ پنهنجي هٿياربند فوج سان گڏ بيٺل آهي، ڀارت کي سفارتي محاذ، عسڪري ۽ بيانيي جي جنگ ۾ شڪست ٿي آهي، دشمن جا ارادا خاڪ ۾ ملائي ڇڏيا آهن. قومي اسيمبلي ۾ پاليسي بيان ڏيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ حب الوطني جي جذبي جو اعليٰ مثال قائم ٿيو آهي، ايوان مان اتحاد ۽ اتفاق جو پيغام ويو آهي، اپوزيشن جي ساٿين جا ٿورا ادا ڪريان ٿو ۽ انهن جي جذبي کي سلام پيش ڪريان ٿو. پوري دنيا ۾ پيغام ويو آهي ته پاڪستاني قوم متحد آهي ۽ پنهنجي هٿياربند فوج سان گڏ بيٺل آهي. هن چيو ته بزدل دشمن رات جي اونداهي ۾ حملو ڪيو، رافيل جيٽس جن تي ڀارت کي ناز هو، انهن کي پاڪ فضائيه جي شاهينن ڪيرائي دشمن جي تڪبر کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو. جنهن نيت ۽ ارادي سان دشمن پاڪستان طرف ڏٺو، ان کي شرمندگي کڻڻي پئي. ڀارتي قوم جو مورال به ڪري پيو آهي. اسان جي شاهينن ڀارت جي غرور کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو، اسان انهن کي سلام پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته گذريل ڀيري به ڀارت کي ”فنٽانسٽڪ ٽي“ پياري هئي، هن ڀيري دشمن ڀڄي ويو ۽ چانهه جي ”هوم ڊليري“ ڪرڻي پئي. هاڻي ڀارت پنهنجي خفت مٽائڻ جي لاءِ بنا پائليٽ ڊرونز سان حملا شروع ڪيا آهن پر اسان ڀارت جا 25 ڊرونز ڪيرايا آهن، ڪجهه کي سافٽ هٽ ۽ ڪجهه کي هارڊ هٽ جي ذريعي نشانو بڻايو ويو. اها اسان جي جديد ايئر ڊفينس سسٽم جي ڪاميابي آهي. وفاقي وزير چيو ته ڀارتي ميڊيا رافيل جهازن جو ملبو ڏيکاري رهي آهي، جيڪو اسان جي فتح جو اعتراف آهي. هُنن چاهيو ٿي ته حقيقت لڪيل رهي پر ملبو لڪائي نه ٿو سگهجي. هاڻي ڀارت سئو بهانا ڪري پر دنيا ڏسي ورتو آهي ته پاڪستان انهن جا جهاز ڪيرايا. اسان جيڪي ڊرونز ڪيرايا آهن اهي اسان جون ”وار ٽرافيون“ آهن جن کي اسان ميوزيم ۾ رکنداسين ۽ پنهنجي نسلن کي ٻڌائينداسين ته دشمن جي پائليٽس جڏهن جهاز اڏائڻ کان انڪار ڪيو ته هن بنا پائليٽ ڊرونز موڪلڻ شروع ڪيا جن کي ماري ڪيرايو ويو. هن چيو ته روايتي جنگ ۾ پاڪستان جي برتري واضح ٿي چڪي آهي. اسان جي هٿياربند فوج هر وقت تيار آهي، لائين آف ڪنٽرول تي پاڪ فوج نه رڳو ڀارت جا 40 کان 50 فوجي ماريا پر دشمن جو برگيڊ هيڊڪوارٽر پڻ اڏائي ڇڏيو. برگيڊ هيڊڪوارٽر کي اڏائڻ تمام وڏي عسڪري ڪاميابي آهي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته ڀارت شهري آبادي، عورتن ۽ ٻارن کي نشانو بڻايو پر پاڪستان منهن ٽوڙ جواب ڏنو. اسان انهن جا جهاز ڪيرايا، ملٽري ٺڪاڻا تباهه ڪيا ۽ دشمن کي فيصلائتو نقصان پهچايو. ان موقعي تي پوري قوم جاڳي رهي هئي ۽ اسان عالمي ميڊيا کي مسلسل حقيقتن کان آگاهه ڪري رهيا هئاسين. هن انڪشاف ڪيو ته جڏهن ڀارت پاران اڇو جهنڊو ڦڙڪايو ويو ته اها پاڪستان جي فتح هئي. دشمن جا حوصلا جواب ڏئي ويا هئا. وفاقي وزير چيو ته ڀارت سک برادري جي خلاف به قدم کنيا آهن، جڏهن ته انهن جو پنهنجو ڊرون سکن جي گورڌواري تي ڪريو. سڄي دنيا مان سک برادري واضح ڪري ڇڏيو آهي ته ڪو به سک پاڪستان جي خلاف نه وڙهندو. ڀارت پنهنجي اقليتن کي نشانو بڻائي ڪڌا ارادا حاصل ڪرڻ چاهي ٿو پر ان جا ڪڌا ارادا لڪي نٿا سگهن. هن چيو ته ڀارت پلواما ۽ پهلگام جهڙن فالس فليگ آپريشنز کي جواز بڻائي پاڪستان تي حملي جي ڪوشش ڪئي پر هاڻي هو بيانيي جي جنگ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪو آهي. هو پهلگام واقعي جو ڪوڙو الزام پاڪستان تي وجهڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيو آهي جڏهن ته ان وٽ ڪو ثبوت نه آهي ۽ جاچ کان به ڀڄي رهيو آهي. هن چيو ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 9 لک قابض فوج موجود آهي، سوال اهو آهي ته جن دهشتگردن جو الزام ڀارت پاڪستان تي هڻي رهيو آهي اهي ايتري وڏي فوج جي موجودگي ۾ پهلگام ڪيئن پهچي ويا؟ ڇا 9 لک فوج رڳو ڪشميري مسلمانن تي ظلم ڪرڻ جي لاءِ رکي وئي آهي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پهرين صف جو ڪردار ادا ڪيو آهي، اسان 90 هزار جانين جا نذرانا پيش ڪيا آهن. اسان جي شهيدن جون فهرستون اسان جي لاءِ اعزاز آهن. جڏهن ڀارت سويلينز کي نشانو بڻايو ته اي پي ايس جي ياد تازي ٿي وئي. اسان اهو واضح ڪريون ٿا ته ڀارتي جارحيت جو هر سطح تي جواب ڏنو ويندو. عطاءُ الله تارڙ چيو ته قومي سلامتي ڪميٽي هٿياربند فوج کي ڀارتي جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ جو مڪمل اختيار ڏئي ڇڏيو آهي. ڀارت کي ڀرپور جواب ڏنو ويندو پر اسان پاڻ طئي ڪنداسين ته ڪڏهن ۽ ڪيئنءَ ڏيڻو آهي، هِن چيو ته ڀارت نه عسڪري محاذ تي، نه سفارتي ميدان ۾، نه بيانيي جي جنگ ۾ ڪامياب ٿي سگهيو. پنهنجي خطاب جي پڄاڻي تي اطلاعات واري وفاقي وزير حب الوطني جي جذبي سان لبريز شعر پڻ پڙهيو.