اسلام آباد – 08 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته ڀارت دهشتگردن جي بنيادي ڍانچي جي موجودگي جو ڪوڙو بهانو ٺاهي ڄاڻي واڻي شهري علائقن کي نشانو بڻايو جنهن جي نتيجي ۾ بيگناهه مرد، عورتون ۽ ٻار شهيد ٿيا، معصوم عورتن ۽ ٻارن سميت عام شهرين کي ڄاڻي واڻي نشانو بڻائڻ هڪ ڪڌو ۽ شرمناڪ ڏوهه آهي، گڏيل قومن جي چارٽر جي آرٽيڪل 51 موجب پاڪستان پنهنجي پسند جي وقت ۽ جڳهه تي ڀارتي جارحيت جو جواب ڏيڻ جو حق محفوظ رکي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلام آباد ۾ رهندڙ سفيرن کي ڀارتي جارحيت تي بريفنگ ڏيندي ڪيو. نائب وزيراعظم چيو ته هي بريفنگ 6 ۽ 7 مئي جي وچ واري رات ڀارتي جارحيت تي پاڪستان جي موقف کان آگاهه ڪرڻ جي لاءِ آهي. هن چيو ته ڀارت پاڪستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ ڪيترائي حملا ڪيا آهن، هن پاڪستان جي خودمختياري جي خلاف ورزي ڪئي ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام کي خطري ۾ وڌو آهي. نائب وزيراعظم چيو ته ڀارت سيالڪوٽ، شڪر ڳڙهه، مريدڪي ۽ بهاولپور سميت پاڪستان جي خودمختيار سرزمين جي اندر ڪيترين ئي جاين تي ميزائيل، فضائي ۽ ڊرون حملا ڪيا آهن، آزاد ڪشمير ۾ڪوٽلي ۽ مظفرآباد به متاثر ٿيا. محمد اسحاق ڊار چيو ته دهشتگردن جي بنيادي ڍانچي جي موجودگي جو ڪوڙو بهانو بڻائي انهن اشتعالانگيز ۽ بنا جواز حملن ڄاڻي واڻي شهري علائقن کي نشانو بڻايو ويو جنهن جي نتيجي ۾ بيگناهه مرد، عورتون ۽ ٻار شهيد ٿيا ۽ هيستائين 26 ماڻهن جي مارجڻ ۽ 46 جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع آهن. نائب وزيراعظم چيو ته معصوم عورتن ۽ ٻارن سميت عام شهرين کي ڄاڻي واڻي نشانو بڻائڻ هڪ ڪڌو ۽ شرمناڪ ڏوهه آهي، ڀارتي حملن سان ڪجهه مسجدون شهيد يا انهن کي نقصان پهتو آهي. هن چيو ته عبادتگاهن تي حملو خاص طور تي مذمت جوڳو قدم آهي. نائب وزيراعظم چيو ته ڀارتي ڪارروائي سان واپاري فضائي ٽريفڪ کي شديد خطرو ٿي ويو جنهن سان جهازن ۾ موجود هزارين مسافرن جون زندگيون خطري ۾ پئجي ويون، ڇو ته ڀارتي حملن جي وقت ڪيتريون ئي مسافر اڏامون فضا ۾ هيون. هن چيو ته عليحده طور تي آزاد ڪشمير ۾ نيلم جهلم هائيڊرو پاور پراجيڪٽ کي لاڳاپيل عالمي ڪنوينشنز جي خلاف ورزي ڪندي نشانو بڻايو ويو، اها ڪارروائي سنڌ طاس معاهدي کي التوا ۾ رکڻ جي ڀارت جي فيصلي ۽ پاڪستان کي پاڻي جي وهڪري جي حوالي سان جاري بيان بازي جي ڏس ۾ اهميت رکي ٿي، پاڪستان انهن غيرقانوني ڪاررواين کي پاڪستان جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي کليل خلاف ورزي قرار ڏيندي مذمت ڪري ٿو. هن چيو ته عالمي قانون تحت ڀارتي قدم واضح طور تي جنگي ڪارروايون آهن. نائب وزيراعظم چيو ته پاڪ فضائيه پنهنجي دفاع ۾ ڀارتي ويڙهاڪ جهازن سان ملڪ جي دفع لاءِ مصروف عمل آهي جڏهن ته ان عمل ۾ ڀارت جا 5 ويڙهاڪ جهاز ۽ بنا پائليٽ اڏندڙ (يو اي ويز) کي ماري ڪيرايو ويو. هن چيو ته ڀارتي قدم گڏيل قومن جي چارٽر، عالمي قانون ۽ بين الرياستي لاڳاپن جي قائم ڪيل اصولن جي کليل خلاف ورزي آهي، اها انتهائي بدقسمتي جي ڳالهه آهي ته ڀارت جي لاپرواهه طرزعمل ٻن ائٽمي هٿيارن سان ليس رياستن کي هڪ وڏي تڪرار جي ويجهو پهچائي ڇڏيو آهي، ڀارت جو جنگي جنون دنيا جي لاءِ سنگين ڳڻتي جو سبب هجڻ گهرجي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير چيو ته ڏکڻ ايشيا ۾ دنيا جي آبادي جو پنجون حصو آباد آهي ۽ اهو ڀارت پاران ڪيل غيرذميواراڻي قدمن کي برداشت نه ٿو ڪري سگهي. هن چيو ته پهلگام حملي جي ڏس ۾ ڀارتي قيادت هڪ ڀيرو ٻيهر دهشتگردي جي فرضي داستان جو استعمال ڪندي علائقائي امن کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي. هن هڪ ڀيرو ٻيهر پهلگام حملي کي پاڪستان سان ڳنڍڻ جي ڪنهن به ڪوشش کي رد ڪندي چيو ته ڀارت بنا ڪنهن تصديق ٿيل ثبوت يا معتبر جاچ جي پهلگام حملي جو الزام پاڪستان تي هنيو، 26 اپريل تي وزيراعظم ان المناڪ واقعي جي غيرجانبدار جاچ ڪندڙن جي ذريعي شفاف ۽ آزاداڻي جاچ جي تجويز پيش ڪئي، اڄ تائين ڀارت ان تعميري تجويز جو باضابطا طور تي ڪو جواب ناهي ڏنو پر ان جي بدران هن جنگ ۽ جارحيت جو رستو اختيار ڪيو. سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته اسان دهشتگردن جي بنيادي ڍانچي کي نشانو بڻائڻ جي بي بنياد ڀارتي دعوائن کي واضح طور تي رد ڪريون ٿا. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي سرزمين تي دهشتگرد ڪئمپن جي موجودگي بابت ڀارتي دعوائن کي سختي سان رد ڪندو رهيو آهي، عالمي ميڊيا 6 مئي 2025ع تي ڪجهه نام نهاد ”دهشتگرد ڪئمپن“ جي جاين جو دورو ڪيو جڏهن ته 7 مئي تي به اهڙي طرح جي دورن جو منصوبو ٺاهيو ويو هو. هن چيو ته گذريل ٻن هفتن دوران ڪيترن ئي ملڪن تحمل کان ڪم وٺڻ تي زور ڏنو، گڏيل قومن ۽ اسلامي تعاون تنظيم جهڙي عالمي تنظيمن به ان بابت مشاورت ڪئي پر اهو انتهائي افسوسناڪ آهي ته ڀارت انهن مطالبن تي ڌيان نه ڏنو. نائب وزيراعظم چيو ته اسان گذريل ٻن هفتن دوران پنهنجي عالمي حصيدارن کي ڀارت جي ناپاڪ ارادن کان آگاهه ڪري رهيا آهيون، ڀارتي قدمن مان ظاهر ٿئي ٿو ته اسان جا خدشا صحيح هئا، وزيراعظم قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪئي، اجلاس ۾ ٻين سمورين ڳالهين سان گڏ اعلان ڪيو ويو ته گڏيل قومن جي چارٽر جي آرٽيڪل 51 موجب پاڪستان پنهنجي پسند جي وقت ۽ جڳهه تي ڀارتي جارحيت جو جواب ڏيڻ جو حق محفوظ رکي ٿو ۽ اسان پوري قوت سان پنهنجي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي دفاع لاءِ پرعزم آهيون. هن چيو ته عالمي برادري کي گهرجي ته اها ڀارت کي ان جي غيرذميواراڻي، غيرقانوني ۽ جنگي طرزعمل جي لاءِ جوابده قرار ڏي.