اسلام آباد-08 مئي (اي پي پي) اڳوڻي وزيراعظم راجا پرويز اشرف چيو آهي ته مودي پهلگام ۾ فالس فليگ آپريشن کانپوءِ رات جي اونداهي ۾ پاڪستان تي حملو ڪيو، اسان جي هٿياربند فوج ڀرپور انداز ۾ جواب ڏنو، ڀارت کي جن رافيل جهازن تي غرور هو انهن کي مٽي ۾ ملائي ڇڏيو. قومي اسيمبلي ۾ پهلگام واقعي کانپوءِ ۽ ڀارت جي بزدلاڻن حملن خلاف بحث ۾ حصو وٺندي راجا پرويز اشرف چيو ته مودي جي سياست، نفرت جي سياست آهي، هو هميشه هٿ ٺوڪيون ڪهاڻيون ٻڌائي پاڪستان تي الزام لڳائيندو آهي، پهلگام ۾ به اهڙي طرح فالس فليگ آپريشن کانپوءِ رات جي اونداهي ۾ ڀارت حملو ڪيو. هن چيو ته اسان جي هٿياربند فوج ان جو ڀرپور انداز ۾ جواب ڏنو. هن چيو ته اسان کي پنهنجي فوج تي فخر آهي، ڀارت هميشه اسان جي عام ماڻهن تي حملو ڪندو آهي جڏهن ته پاڪستان صرف فوجي هدفن کي نشانو بڻايو. هن چيو ته پاڪستان ۾ ڀارت هر طرح جي دهشتگردي کي هٿي وٺرائي ۽ پاڪستان ۾ دهشتگردي جون مختلف ڪارروايون ڪيون.