اسلام آباد-08 مئي (اي پي پي) سينئر پارليامينٽرين شازيه مري چيو آهي ته مودي جي صرف هڪ ئي ايجنڊا آهي ته هو جنگ کي وڌائڻ چاهي ٿو، پهلگام واقعي تي وزيراعظم واضح لفظن ۾ چيو ته اسان جو ڪو به ڪردار ناهي، اسان جي خاموشي کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ بحث ۾ حصو وٺندي شازيه مري چيو ته اسان جي خاموشي کي اسان جي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي، ڀارت پاڪستان بابت غلط اندازو لڳايو آهي، گذريل مهيني پاڪستان ۾ هڪ ڊپلوميٽڪ ايونٽ ٿيو هو جنهن ۾ لکين سک ياتري پاڪستان آيا ۽ پنهنجون مذهبي رسمون ادا ڪيون. هن چيو ته مودي جي منشور ۾ ڪشمير تي قبضو ۽ اتي جي اقليتن لاءِ زمين تنگ ڪرڻ آهي. مودي جي صرف هڪ ئي ايجنڊا آهي ته هو جنگ کي وڌائڻ چاهي ٿو، شازيه مري چيو ته وزيراعظم آڇ ڪئي ته گڏيل قومن کان پهلگام واقعي جي جاچ ڪرايون پر ڀارتي حڪومت ان تي به ڪو جواب ناهي ڏنو ڇاڪاڻ ته مودي حڪومت کي خبر آهي ته ان ۾ ڪير ملوث آهي. هن چيو ته پاڪستان جي 25 ڪروڙ عوام پنهنجي بهادر فوج سان گڏ آهي.