اسلام آباد-08 مئي (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب معاشي استحڪام ۽ پائيدار ترقي لاءِ سڌارن وارا قدم جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪندي سڌارن واري ايجنڊا تي اسٽينڊرڊ چارٽرڊ جهڙن عالمي حصيدارن جي اعتماد کي حوصلي جوڳو قرار ڏنو آهي. اها ڳالهه هن لنڊن ۾ اسٽينڊرڊ چارٽرڊ بئنڪ جي گلوبل چيف ايگزيڪيٽو آفيسر بل وينٽرز سان ملاقات دوران چئي. ملاقات دوران پاڪستاني معيشت ۾ بئنڪ جي اهم ۽ پراڻي ڪردار جي واکاڻ ڪندي گڏيل سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ناڻي واري وزير پاڪستان ۾ معاشي سڌارن ۽ ترقي لاءِ اسٽينڊرڊ چارٽرڊ بئنڪ جي لڳاتار حمايت تي شڪريو ادا ڪيو . ناڻي واري وزير چيو ته حڪومت معاشي استحڪام ۽ پائيدار ترقي لاءِ سڌارن وارن قدمن کي جاري رکڻ لاءِ پرعزم آهي، هن حڪومت جي سڌارن واري ايجنڊا تي اسٽينڊرڊ چارٽرڊ جهڙن عالمي حصيدارن جي اعتماد کي حوصلي جوڳو قرار ڏنو. بل وينٽرز پاڪستان جي معاشي سڌارن ۽ استحڪام جي سفر جي واکاڻ ڪئي ۽ پاڪستان کي هر ممڪن سهڪار فراهم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. هن پاڪستان جي ترقياتي هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڊگهي مدي واري حصيداري جي خاطري ڪرائي، ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن پاران گڏيل سهڪار کي وڌيڪ هٿي وٺرائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو.