بيجاپور-08 مئي (اي پي پي) ڀارتي رياست ڇتيس ڳڙهه ۾ فوج سرچ آپريشن دوران 22 ماڻهن کي ماري ڇڏيو. ڪشمير ميڊيا سروس موجب فوج انهن ماڻهن کي تلنگانه رياست جي سرحد سان لاڳاپيل ضلعي بيجارپور جي ڪريگٽه واري علائقي ۾ سرچ آپريشن دوران ماريو، مارجي ويل ماڻهن جو تعلق علحيدگي پسند تنظيم سان ٻڌايو ويو آهي، علائقي ۾ آخري اطلاعن تائين فورسز جو آپريشن جاري هو، ڇتيس ڳڙهه ۾ بي جي پي اقتدار ۾ آهي.